ايم ڪيو ايم جي سينٽرل پنجاب جي ايڊهاڪ ڪميٽي جي ميمبرن داتا دربار تي حاضري ڏني
لاهور: 31 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل پنجاب جي ايڊهاڪ ڪميٽي جي ميمبرن داتا دربار تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار شريف تي گلن جي چادر چڙهائي، فاتحه خواني ڪيائون ۽ زائرين ۾ لنگر به تقسيم ڪيائون. وفد ۾ سينٽرل پنجاب جي ايڊهاڪ ڪميٽي جا ميمبر ميان راشد علي، جان محمد رمضان، سيد افضال حسين ۽ ٻيا به شامل هئا.