Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان روانو ڪيو پيو وڃي. سيد حيدر عباس رضوي


ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان روانو ڪيو پيو وڃي. سيد حيدر عباس رضوي
 Posted on: 10/31/2015
ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان روانو ڪيو پيو وڃي. سيد حيدر عباس رضوي
ڪي ڪي ايف جي هيڊ آفيس ۾ ميڊيا کي پريس بريفنگ
ڪراچي: 31 آڪٽوبر 2015 
ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر سيد حيدرعباس رضوي چيو آهي ته 26 آڪٽوبر تي ايندڙ خوفناڪ زلزلي ۾ سوين ماڻهو هلاڪ ۽ ڪروڙن جو نقصان ٿيو آهي. جنهن تي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن پنهنجن هم وطنن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن فيڊرل بي ايريا ۾ ڪي ڪي ايف جي هيڊ آفيس ۾ ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي سامان جي پهرين کيپ جلوه زئي روانو ڪندي وقت ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، ڪي ڪي ايف جو ٽرسٽي ارشد وهره ۽ خواجه سهيل منصور به موجود هئا. حيدرعباس رضوي چيو ته زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ جناب الطاف حسين جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جا 150 ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 40 صرف ڪراچي ۾ آهن . انهن چيو ته هن وقت ڪي ڪي ايف جي هيڊ آفيس ۾ تقريبن پنجن ڪروڙن جو امدادي سامان موجود آهي جنهن ۾ تقريبن هڪ ڪروڙ روپين جو اڄ 4 وڏن ڪنٽينرن ۾ ڀري جلوزئي ۾PDMA جي امدادي ڪيمپن ۾ روانا ڪيو پيو وڃي . ان امدادي سامان ۾ اٽو، چانور،گيھھ، تيل، سڪل کير، منرل واٽر جون بوتلون، گرم ڪپڙا، ڪمبل، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن. ان کان علاوه  ملڪ جي ٻين حصن مان به روزانو امدادي سامان پشاور ۽ آس پاس جي PDMA جي رليف ڪيمپن ۾ موڪليو پيو وڃي.انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجن هم وطنن جي لاءِ امدادي شيون گڏ ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اسان گذريل زلزلي ۾ به 3 ارب روپين کان وڌيڪ امدادي سامان زلزلي متاثرن جي لاءِ پهچايو هو.


7/18/2024 6:27:23 AM