Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٻين جي مدد جي لاءِ پنهنجين خواهشن جي قرباني ڏيڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ٻين جي مدد جي لاءِ پنهنجين خواهشن جي قرباني ڏيڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/31/2015
ٻين جي مدد جي لاءِ پنهنجين خواهشن جي قرباني ڏيڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي ڏيکاريو ۽ نشر نه ٿو ڪيو وڃي
ڪي ڪي ايف جي مرڪزي امدادي ڪيمپ تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب
لنڊن: 31 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ٻين جي مدد جي لاءِ پنهنجين خواهشن جي قرباني ڏيڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. اها ڳالھھ انهن ڪي ڪي ايف جي مرڪزي امدادي ڪيمپ تي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي به موجود هئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن ۽ رضاڪارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جنهن محنت  ۽ لگن سان ۽ پنهنجا گهر بار ڇڏي ۽ پنهنجيون ذاتي مصروفيتون ڇڏي ڪري زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي شيون گڏ ڪري رهيا آهيو اهو قابل قدر آهي. اوهان جي طرفان وقت، جذبن، گهر بار ۽ خواهشن جي قرباني ڏيڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ ڏکين حالتن جي شڪار ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ تمام وڏي عبادت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 26 آڪٽوبر 2015 تي ايندڙ زلزلي ۾ سڀني کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان ڪي پي ڪي جي جابلو علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ٿيو آهي ۽ زلزلي جي ڪري اتان جا ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ٿي ويا آهن. پر ڏکايل انسانيت جي جذبي سان  سرشار ٿي ڪري اوهان ڪارڪنن ڪراچي ۾ انهن مصيبت سٽيل ڀائرن جي لاءِ امدادي سامان جا جبل کڙا ڪري ڇڏيا آهن. جنهن تي هڪ هڪ ڪارڪن ۽ رضاڪار زبردست خراج تحسين جو مستحق آهي. انهن فرمايو ته سڄي دنيا ۾ جتي جتي به سيٽيلائيٽ جي سهولت موجود آهي اتي زلزلي متاثر خاندانن جي مدد جي لاءِ ڪي ڪي ايف جي امدادي سرگرمين کي ڏيکاريو پيو وڃي. اوهان ڪراچي ۾ امدادي سامان کي پيڪ ڪري انهن کي زلزلي متاثره علائقن ۾ موڪلڻ جون تياريون ڪري رهيا آهيو ۽ هزارين ميل پري آمريڪا، ڪينيڊا، آسٽريليا، سائوٿ آفريڪا، برطانيه ، مڊل ايسٽ جي ملڪن، متحده عرب امارات ۽ ٻين ملڪن ۾ اوهان کي امدادي سامان جون  ٻوريون کڻندي، انهن کي پيڪ ڪندي ۽ محنت ڪندي ڏيکاريو پيو وڃي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي خلق خدا جي خدمت ۾ مصروف سمورن ڪارڪنن ۽ رضاڪارن کي ان جو اجر عظيم عطا فرمائي ۽ انهن تي ۽ انهن جي خاندانن تي پنهنجو ڪرم فرمائي. انهن رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اها لاڳاپيل انتظاميه سان رابطو ڪري زلزلي متاثره خاندانن جي امداي جي لاءِ جمع ڪيل امدادي سامان ڪي پي ڪي پهچائڻ جا انتظام ڪري ۽ اتان جي عوام کي ٻڌائي ته انهن جي ڀاءُ الطاف حسين ۽ ڪراچي جي عوام انهن جي لاءِ اهو امدادي سامان موڪليو آهي ۽ پيغام ڏنو آهي ته اهي پنهنجن متاثره ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪي ڪي ايف جون امدادي سرگرميون خالص انساني معاملو آهي. پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين سان گڏو گڏ ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي به نشر نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪا صحافت جي آزادي ۽ صحافتي اقدار جي کليل خلاف ورزي آهي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي چيو ته اوهان ميڊيا هائوسز جي مالڪن جي جانبدارانه رويي کان هرگز به مايوس نه ٿيو ۽ معاوضي جي تمنا ڪرڻ کان سواءِ ئي الله تعالٰي جي مخلوق جي خدمت ڪندا رهو. انشاء الله تعالٰي اوهان جي محنت رائيگان نه ويندي.

7/18/2024 6:27:57 AM