پي بي اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي سالانه اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ۽ نون چونڊيل عهديدارن کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
ڪراچي: 31 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن( پي بي اي) جي بورڊ آف ڊائرريڪٽرز جي سالانه اليڪشن 2015 ۾ جيو ٽي وي جي مير ابراهيم رحمان کي چيئرمين ، دنيا ٽي وي جي ميان عامر محمود کي سينيئر وائيس چيئرمين، آج ٽي وي جي ارشد زبيري کي وائيس چيئرمين ، ڊان ٽي وي جي شڪيل مسعود کي سيڪريٽري جنرل، ڪي ٽي اين جي محمد اسلام قاضي کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ هم ٽي وي جي دريد قريشي کي سيڪريٽري ماليات چونڊجڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته پي بي اي جا سمورا نوان چونڊيل عهديدار آزادي صحافت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم پهرين ڏينهن کان ئي صحافت جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ چاهي ٿي ته معاشري جي ترقي ۽ ملڪ کان ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ آزاد ميڊيا پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري. انهن پنهنجي ۽ پنهنجي جماعت ايم ڪيو ايم جي طرفان پي بي اي جي سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.