ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 سهراب ڳوٺ ۽ حيدرآباد جي شهيدن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا
ڪراچي: 31 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه 31 آڪٽوبر 1986 سهراب ڳوٺ ۽ حيدرآباد جي شهيدن جي 29 هين ورسي سڄي ملڪ ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي . ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، رابطا ڪميٽي ميمبرن سيد امين الحق، عبدالحسيب، عارف خان، زاهد منصوري، رضوان بابر، ڪنور نويد جميل، مطيع الرحمٰن، عادل خان، اسلم آفريدي، محمد حسين، محترمه ريحانه نسرين، سي اي سي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ شهيدن جي پوئنرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب شهيدن جي بلند درجات ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر جي لاءِ دعا به ڪرائي.