Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ٿيڻ ڏوھ بڻائي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ٿيڻ ڏوھ بڻائي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 10/31/2015
قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن ٿيڻ ڏوھ بڻائي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
رينجر، پوليس، سي آئي ڊي  ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان  ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت ترين لفظن ۾ مذمت جو اظهار
ڪراچي: 31 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر، پوليس، سي آئي ڊي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ انهن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر اهلڪارن لائينز ايريا سيڪٽر يونٽ 52 جي يونٽ انچارج رائو شفقت جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري انهن کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن اورنگي ٽائون يونٽ 126 جي ڪميٽي ميمبر پرويز صديقي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي طرح ئي پوليس شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن عدنان حسين، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 188 سي جي ڪارڪن آصف شاھ، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 74 جي ڪارڪنن شعيب، مقدم احمد، يونٽ 71 جي ڪارڪن عرفان، يونٽ 141 نيو ڪراچي سيڪٽر جي ڪارڪن عمران خان، يونٽ 124 جي ڪارڪن عارف ۽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 160 جي ڪارڪن عبدالڪريم کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن  گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منقتل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن کي ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪرڻ جي بجاءِ ان جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ڊي جي رينجر سنڌ کان مطالبو ڪيو  ته اهي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ سمورن گرفتار ٿيل ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 


7/17/2024 1:20:43 PM