Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جي دشمنن جا دشمن آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جي دشمنن جا دشمن آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/31/2015
اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جي دشمنن جا دشمن آهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پيپلز پارٽي جي شهنشاهن کي چوان ٿو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن تي ظلم بند ڪن ۽ اهو نه وسارين ته ڏينهن هميشه هڪ جهڙا نه رهندا آهن
زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ايم ڪيو ايم کي امدادي ڪيمپ لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ تي ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽنٽ جنرل نويد مختيار جو شڪريو ادا ڪريون ٿو
نائن زيرو تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي اجتماع کي خطاب
لنڊن: 31 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه پاڪستان جي دشمنن جا دشمن آهيون ان جي ڪري اسان کي پاڪستان جو دشمن نه بلڪه سڄڻ سمجهيو وڃي. بااختيار اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي ايم ڪيو ايم کي صرف ٽن مهينن جي لاءِ اقتدار  ڏي ته ايم ڪيو ايم فقط ٽن مهينن ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ اهم ۽ مثبت تبديليون ڪري ڏيکاريندي. اها ڳالھھ انهن نائن زيرو تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي ڪارڪنن خصوصن عورتن جو جوش ڏسڻ وٺان هو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ منهنجي لنڊن ۾ عدالتي معاملن تي انتهائي اهم ميٽنگ هئي. جنهن جي دوران منهنجي علم ۾ آيو ته اوهان ٽي وي چينلن تي صرف هڪ ٽڪر پڙهي ڪري نائن زيرو تي جمع ٿي ويا آهيو. جنهن سان پوري دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان جي مون سان عقيدت ۽ محبت  جو اندازو ٿي ويو آهي ته اوهان منهنجي لاءِ ڪيتري قدر ڳڻتي ۾ رهو ٿا. جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي جون تفصيلات ٻڌائيندي فرمايو ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي تقرير ۽ تصويرن تي پابندي حوالي سان مقدمي جي ٻڌڻي هئي. جنهن جي پيروي جي لاءِ بيرسٽر خالد رانجها ۽ محترمه عاصمه جهانگير عدالت ۾ پيش ٿيون. اتي اها ڳالھھ به بحث هيٺ آئي ته هائي ڪورٽ اها پابندي 15 ڏينهن جي لاءِ لڳائي هئي. جيڪي پورا ٿي چڪا آهن. ان جي ڪري هاڻي ان پابندي جو ڪهڙو جواز آهي. جنهن تي فاضل جج پنهنجي آبزرويشن نوٽ ڪرائي آهي، الله تعالٰي  گهريو ته آئنده پيشي ۾ ان جو باقائده اعلان ٿي ويندو. انهن ڪارڪنن کي وڌيڪ چيو ته جتي اوهان ايترو صبر ڪيو آهي اتي تورڙو صبر ٻيو ڪريو. جناب الطاف حسين پي پي جي حڪومت جي طرفان سکر ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پي پي جي غنڊن نه صرف ايم ڪيو ايم جي ريلي تي حملو ڪري ڪيترن ئي ڪارڪنن کي زخمي ڪيو. بلڪه وزير اعلٰي سنڌ قائم علي شاھ  جي راج ڀاڳ ۾ پوليس ايم ڪيو ايم جي 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي . انهن فرمايو ته مان ڪڏهن به جهيڙي جي ڳالھھ نه ٿو ڪريان، مان هميشه امن ۽ محبت جي ڳالھھ ڪئي آهي. ان جي ڪري جن ماڻهن سکر ۾ منهنجن ساٿين کي گرفتار ڪيو آهي. مان انهن کي چوان ٿو ته اهي الله تعالٰي جي حضور توبه ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن گرفتارين جي خوف جي باوجود منهنجي اپيل تي زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪروڙين روپين جو امدادي سامان جمع ڪيو ۽ اڄ تائين ڪري رهيا آهن. جنهن تي مان هڪ هڪ ذميوار ۽ ڪارڪن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاليسي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا مالڪ بڻائين ٿا جڏهن ته ان پاليسي سان ميڊيا جي نمائندن جو ڪوئي به تعلق نه هوندو آهي.انهن سان اسان جو نه ڪالھھ جهيڙو هو ۽ نه اڄ آهي. ميڊيا جا رپورٽر، فوٽو گرافر ۽ ڪيميرا مين اسان وانگر مزدور آهن. انشاء الله تعالٰي اهو وقت به ايندو جڏهن صرف ايم ڪيو ايم ئي ٽي وي چينلن، اخبارن جي رپورٽرن، فوٽو گرافرن ۽ ڪيميره مينن کي ويج بورڊ ايوارڊ سميت انهن جا سمورا جائز حق ڏياريندي.جناب الطاف حسين بااختيار اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي  کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي صرف ٽن مهينن جي لاءِ اقتدار ڏيو. ايم ڪيو ايم فقط ٽن مهينن ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نمايان ۽ مثبت تبديليون ڪري ڏيکاريندي. جناب الطاف حسين زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي تحت امدادي ڪيمپ لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ تي ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽنٽ جنرل نويد مختيار جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اوهان ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن جي باري ۾ به تحقيقات ڪري انهن کي به آزاد ڪريو ۽ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ شهيد ڪارڪنن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪرايو. اسان اوهان جا يا پاڪستان جا دشمن نه آهيون. بلڪه اسان انهن جا دشمن آهيون جيڪي پاڪستان جا دشمن آهن ان جي ڪري اسان کي پاڪستان جو دشمن نه سمجهيو وڃي بلڪه پاڪستان جو سڄڻ سمجهيو وڃي. جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته ڊي جي رينجر سکر ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا. انهن فرمايو ته اسان ادارن، عدالتن يا حڪومت کان رشوت نه بلڪه انصاف جا طلبگار آهيون ۽ انصاف طلب ڪرڻ اسان جو حق ۽ انصاف ڏيڻ ادارن ، عدالتن ۽ حڪومت جو فرض آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پي پي جي شهنشاهن کي چوان ٿو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن تي ظلم بند ڪن ۽ اهو نه وسارين ته ڏينهن هميشه هڪ جهڙا نه رهندا آهن. ڏينهن کان پوءِ رات ۽ رات کان پوءِ ڏينهن به ايندو آهي. جيڪي اڄ ظلم ڪري ڪري رهيا آهن اهي سڀاڻي جيلن ۾ به  هوندا. انهن آئي جي سنڌ، اي آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي سکر ۽ سمورن پوليس آفيسرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار نه ڪن، حڪومت جا ناجائز حڪم نه مڃين ۽ حڪومت جا ناجائز حڪم مڃڻ جي بجاءِ استعيفٰي ڏيئي ڇڏين. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي جڏهن اوهان جو احتساب ٿئي ته اوهان اهو چئو ته اسان مجبور هئاسين. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪندي فرمايو ته عمران خان ۽ ريحام خان جي طلاق جو معاملو انهن جو ذاتي معاملو آهي. ان جي ڪري اوهان ان معاملي تي ڪوئي به بيان نه ڏيو. انهن فرمايو ته حڪومت ۽ لاهور هائي ڪورٽ منهنجا خطاب نشر ڪرڻ ۽ تصويرون ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پر عوام جي دلين ۾ موجود منهنجي محبت کي ڪڍي نه ٿو سگهجي. ڇو ته مان ماڻهن جي دلين ۾ رهان ٿو. انهن  ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پريشان نه ٿيو  انشاء الله تعالٰي تمام جلد اوهان جون پريشانيون دور ٿينديون ۽ اوهان مون کي ٽي وي تي ڏسندو. مان الله سائين کان دعا ڪريان ٿو اهو اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو مان جسماني طور تي به اوهان جي وچ ۾ هجان ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي ڪري توانائي حاصل ڪندا رهون.  انهن فرمايو ته مان الله تعالٰي جو لک لک شڪر ادا ڪريان ٿو ته ان مون کي اهڙا پيارا پيارا ساٿي ڏنا آهن جيڪي پوري دنيا ۾ ڪنهن به ليڊر کي عطا نه ڪيا آهن.  انهن فرمايو ته عوام دعا ڪن ته الله تعالٰي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرائين.


7/17/2024 1:42:15 PM