عالمي شهرت يافته آئيني ۽ قانوني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم شڪايات ازاله ڪميٽي کان استعيفٰي ڏيئي ڇڏيو.
لنڊن: 30 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان عالمي شهرت يافته آئيني ۽ قانوني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم ڊگهي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ۽ عالمي معاملن کان علاوه حڪومت جي تشڪيل ڪيل شڪايات ازاله ڪميٽي Grievances Redressal Committee تي به خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. ملاقات کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين بيرسٽر فروغ نسيم کي شڪايات ازاله ڪميٽي کان استعيفٰي ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جنهن جي روشني ۾ بيرسٽر فروغ نسيم حڪومت کي پنهنجو استعيفٰي موڪلي ڇڏيو. جناب الطاف حسين فروغ نسيم کي ان جي جرتمندانه موقف تي زبردست شاباش به پيش ڪئي. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي به بيرسٽر فروغ نسيم جي طرفان استعيفٰي ڏيڻ جي قدم کي انتهائي مثبت ۽ جرتمندانه قرار ڏيندي انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.
*****