ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. ايم ڪيو ايم.
ڪراچي: 30 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ هڪ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ ڪي ڪي ايف به پهچايو ويو. رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي اهو ٽرڪ وصول ڪيو ۽ مخير حضرات جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شڪريو به ادا ڪيو. ڪي ڪي ايف جي طرفان ڪراچي ۾ لڳايل 40 امدادي ڪيمپن ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ 100 کان وڌيڪ لڳايل امدادي ڪيمپن تي چوٿين ڏينهن به امدادي سامان جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون، ڪمبل، پيئڻ جو پاڻي، چانور، گيھھ، تيل، لوڻ، صابڻ، داليون، سکل کير، وهيل چيئرز، خيما ۽ دوائن کان علاوه ٻيو ضروري سامان به شامل آهي. ڪراچي ۾ لڳايل امدادي ڪيمپن تان رابطا ڪميٽي پنهنجي نگراني ۾ امدادي سامان روانو ڪيو.
*****