Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان جلسي جو انعقاد .


ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان جلسي جو انعقاد .
 Posted on: 10/30/2015
ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان جلسي جو انعقاد .
لانڍي ۽ ڪورنگي جي عوام تي ماضي جي اليڪشنن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي ۾ عوامي حمايت کان محروم غنڊن ماڻهن کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
لانڍي ۽ ڪورنگي جا عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي گذيريل ٽن ڏهاڪن کان وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائيندا آيا آهن. رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق.
لانڍي جلسي ۾ خطاب.
ڪراچي: 30 آڪٽوبر 2015 
                    ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته تاريخ گواھ آهي ته لانڍي ۽ ڪورنگي جي عوام تي ماضي جي اليڪشنن ۾ به اسٽيبلشمينٽ  جي سرپرستي ۾ عوامي حمايت کان محروم غنڊن عناصرن کي مسلط ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون ۽ لانڍي ۽ ڪورنگي جي ما ڻهن تي حياتي تنگ ڪئي وئي هئي. پر انهن پنهنجي قائد جناب الطاف حسين جو ساٿ نه ڇڏيو هو. انهن خيالن جو اظهار انهن لانڍي نمبر 6 ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ڪورنگي جي عوام به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق، سي اي سي انچارج وسيم اختر، شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي ۽ ٻيا به  موجود هئا. جلسي ۾ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. عبدالحسيب چيو ته اڄ جي جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته لانڍي ۽ ڪورنگي کان نامزد حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي يقيني آهي ۽ ڪوئي به زهريلو پروفيگنڊو حق پرستن جي ڪاميابي کي روڪي نه ٿو سگهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق چيو ته لانڍي ۽ ڪورنگي جي عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي گذريل ٽن ڏهاڪن کان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا آيا آهن. جيڪو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته لانڍي ۽ ڪورنگي ايم ڪيو ايم جو ڳڙھ آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي پرواز کي روڪڻ جي لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ حڪومت جيڪي غير جمهوري هٿڪنڊا ستعمال ڪيا آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي پي جي سنڌ حڪومت پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي سي اي سي انچارج وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته تمام تر ڏکيائين جي باوجود حيدرآباد جي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن وڏي تعداد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ به ان جي ڪاميابي کي روڪڻ ڪنهن به طرح ممڪن نه آهي. ان کان علاوه جلسي کي شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي، سي اي سي ميمبر محترمه ليلٰي پروين، حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر ساجد احمد، سنڌ اسيمبلي ميمبرن خالد افتخار، وقار شاھ ۽ عامر معين به خطاب ڪيو.
*****

7/17/2024 1:18:10 PM