عمران خان ۽ ريحام خان جي طلاق انهن جو ذاتي معاملو آهي. ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، اسيمبلي ميمبرن ۽ تنظيمي عهديدارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت.
لنڊن: 30 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، اسيمبلي ميمبرن ۽ تنظيمي ميمبرن کي هدايت فرمائي آهي ته تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان ۽ ريحام خان جي طلاق جو معاملو انهن جو ذاتي معاملو آهي. ان جي ڪري ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي بيان بازي کان پاسو ڪيو وڃي. نديم نصرت چيو ته اسان کي سياست ۾ گار گند، ڪنهن جي ذات تي گند اڇلائڻ ۽ ذاتي زندگي ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ تهذيب، شائستگي ۽ نظريات جي سياست ڪرڻ گهرجي.
*****