Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي غريب هارين جي قسمت ان وقت تائين بدلجي نه ٿي سگهي جيستائين اهي پنهنجين صفن مان قيادت کي چونڊي ڪري ايوانن ۾ نه موڪليندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سنڌ  جي غريب هارين جي قسمت ان وقت تائين بدلجي نه ٿي سگهي جيستائين اهي پنهنجين صفن مان قيادت کي چونڊي ڪري ايوانن ۾ نه موڪليندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/30/2015
سنڌ  جي غريب هارين جي قسمت ان وقت تائين بدلجي نه ٿي سگهي جيستائين اهي پنهنجين صفن مان قيادت کي چونڊي ڪري ايوانن ۾ نه موڪليندا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڀٽو خاندان جي رت جو سودو ڪرڻ وارن اقتدار ته حاصل ڪري ورتو پر انهن سنڌ ڌرتي جي ترقي ۽ سنڌ جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪوئي به ڪم نه ڪيو.
پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ۽ لساني بل پيش ڪري سنڌين ۽ اردو ڳالهائڻ وارن ۾ ڏار وڌا.
سکر. گهوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ عوامي اجتماعن کي خطاب.
لنڊن: 30 آڪٽوبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ جي غريب هارين، ڪڙمين ۽ مزدورن جي قسمت ان وقت تائين بدلجي نه ٿي سگهي جيستائين اهي شهري علائقن وانگر جاگيردارن ۽ وڏيرن جي بجاءِ پنهنجين صفن مان تعليم يافته، ايماندار ۽ بهادر قيادت کي چونڊي ڪري ايوانن ۾ نه موڪليندا. اها ڳالھھ انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ سکر، گهوٽڪي،خيرپور، لاڙڪاڻي، قمبر، شهداد ڪوٽ، شڪارپور، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ ٿيندڙ عوامي اجتماعن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. عوامي اجتماعن ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌي نوجوانن جو جوش ڏسڻ وٺان هو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ جو خطاب ايم ڪيو ايم ويب ٽي جي ذريعي آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، بيلجيئم، سوئيڊن، ناروي، سائوٿ آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سميت پوري دنيا ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو پيو وڃي. انهن فرمايو ته 2005 جي قيامت خيز زلزلي ۾ به ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن پنهنجيون جانيون ترين تي رکي ڪري زلزلي متاثرن کي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ طبي امداد پهچائي هئي ۽ جڏهن هن وقت به 26 آڪٽوبر جو خطرناڪ زلزلو آيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ان جو فلاحي ادارو ڪي ڪي ايف زلزلي متاثره خاندانن جي امداد جي لاءِ سڀني کان اڳتي آهي. ايم ڪيو ايم جي خلاف 2013 کان رياستي آپريشن جاري آهي پر تمام تر ڇاپن ، گرفتارين، ظلمن ۽ منفي پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ امدادي ڪيمپ  قائم ڪيا. جتي ڪي ڪي ايف جا  رضاڪار ڏينهن رات امدادي شيون گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جنهن تي مان هڪ هڪ ڪارڪن کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف سياسي جماعتن جا رهنما غريبن جي خدمت جي دعوٰي ته ڪن ٿا پر ڏکايل انسانيت جي خدمت جي هر موقعي تي صرف ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف ئي عوام جي مدد ڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ايم ڪيو ايم سياست برائي سياست نه بلڪه سياست برائي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. اسان ذاتي، خانداني ، دوستن ۽ مٽن مائٽن جي مفادن جي سياست نه ٿا ڪريون بلڪه اسان جو ايمان آهي ته خدمت کان سواءِ سياست فقط ڌوڪو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ ڌرتي ۾ وسندڙ مختلف قومون ڪيترن ئي سالن کان امن ۽ سڪون سان رهنديون پيون اچن پر جڏهن سنڌ تي پي پي جي حڪومت قائم ٿي ته ان سنڌ ۾  شهري ۽ ٻهراڙي جي فرق جي بنياد وڌي ۽ عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ڪئي.پي پي جي حڪومت سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ۽ لساني بل پيش ڪري سنڌ جي اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين ۾ ڏار وڌا ۽ انهن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي ته جيئن سنڌ ڌرتي ۾ فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام قائم رهي ۽ سنڌ جا غريب ۽ مظلوم عوام متحد ٿي ڪري پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد نه ڪري سگهن. پر اهو الله سائين جو ڪرم آهي ته استحصالي قوتن جي تمام تر سازشن جي باوجود اڄ به سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا مهاجر متحد آهن. انهن فرمايو ته سنڌ جي غريب عوام جي وچ ۾ نفرتون ڦيلائڻ وارا حڪومت ڪندا رهيا ۽ غريب عوام پاڻي، بجلي ۽ روزگار کان محروم رهيا. غريب عوام کي نوڪري جي لاءِ گهر جا زيور وڪڻي ڪري رشوت ڏيڻي پوي ٿي. انهن شرڪاء کان دريافت ڪيو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ، شاهنواز ڀٽي، مرتضٰي ڀٽي ۽ بي بي راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته سنڌين ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ وارن انهن ماڻهن کي ڇا اوهان انهن شهيدن جي جنازن ۾ شرڪت ڪندي ڏٺو؟ جنهن تي شرڪاء بلند آواز ۾ چيو ته جي نه. انهن وڌيڪ پچيو ته ڇا اوهان بي بي راڻي شهيد جي شهادت تي پي پي جي سواءِ ڪجھھ رهنمائن ۽ غريب ڪارڪنن جي ڪنهن به ليڊر جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺا. جنهن تي شرڪاء جواب ڏنو  ته بلڪل به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان نه ته جاگيردار ۽ نه ئي وڏيرو آهيان پر منهنجي دل ۾ غريب عوام جو درد آهي. انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم عوام جي تعاون سان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي نه صرف سنڌ ڌرتي کي ان جا ڇنيل حق ڏياريندي. بلڪه ذوالفقار علي ڀٽي، شاهنواز ڀٽي، مرتضٰي ڀٽي، بي نظير ڀٽو ۽ هزارين مهاجر شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺندي. غريب سنڌي هارين، ڪڙمين ۽ مزدورن جي خاندانن کي ٻيڙيون وجهي ڪري نجي جيلن ۾ قيد ڪرڻ وارن وڏيرن کان به انهن جي هڪ هڪ ظلم جو حساب وٺندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھھ سنڌي وڏيرا چون ٿا ته الطاف حسين سنڌ ڌرتي جو پٽ نه آهي. پر اها ڳالھھ چوڻ وارا پاڻ ته سنڌ ڌرتي جا پٽ هئا. انهن ڀٽي خاندان جي رت جو سودو ڪري اقتدار ته حاصل ڪري ورتو پر انهن سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪوئي به ڪم نه ڪيو ۽ غريب سنڌين جي لاءِ اسڪول، ڪاليج، اسپتال ۽ روڊ به نه بڻايا . انهن فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿيندي ته انشاء الله تعالٰي نه صرف سنڌ ڌرتي ترقي ڪندي بلڪه سنڌ جا عوام به خوشحال ٿيندا ۽ جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ڀر ۾ غريب هاري ۽ مزدور به عزت ۽ احترام سان ويهندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪاروڪاري جي فرسوده رسم جي خلاف آهيان. مان سنڌ جي ڀينرن ۽ نياڻين کي پنهنجيون ڀينرون ۽ نياڻيون سمجهان ٿو. مان ڪاروڪاري جو شڪار سنڌ جي ڪيترن ئي نياڻين جون جانيون بچائي ڪري انهن کي نائن زيرو تي پناھ ڏني. انهن جون شاديون ڪرايون ۽ انهن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو. انهن فرمايو ته تمام تر سازشن جي باوجود اڄ سنڌي ۽ مهاجر پاڻ ۾  متحد ٿي ويا آهن. انهن کي ويڙهائڻ جون سازشون  ۽ ڪوششون ڪرڻ وارا ناڪام ٿي ويا آهن. ايم ڪيو ايم جو پيغام هاڻي صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ئي نه بلڪه سنڌ جي سمورن ڳوٺن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي رهيو آهي. جناب الطاف حسين سنڌ جي هارين، ڪڙمين، نوجوانن، بزرگن ، امڙين ۽ ڀينرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جي قسمت اوهان جي هٿن ۾ آهي. اوهان انهن ماڻهن جو پيڇو ڇڏي ڏيو. جيڪي گذريل 68 سالن کان اوهان جي ووٽن سان اسيمبلين ۾ پهچي رهيا آهن ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ پهچي ڪري ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا محل، جاگيرون ۽ جائيدادون بڻائي رهيا آهن ۽ اوهان اڄ به انهن ئي ڪڇين جهڳين ۾ رهي رهيا آهيو.  انهن فرمايو ته سنڌ جي هارين ، ڪڙمين ۽ غريب عوام جي حالت انهي وقت بدلجي سگهي ٿي. جڏهن اهي سنڌ جي شهري علائقن وانگر  پنهنجن علائقن ۾ به پنهنجين صفن مان قيادت ڪڍي ڪري مڪاني ، قومي، صوبائي اسيمبلين ۽ سينيٽ جي ايوانن ۾ موڪليندا.  انهن فرمايو ته مان عزيز آباد جي علائقي کان ڪيترن ئي سنڌي ڳالهائڻ وارن کي ايم اين اي ۽ ايم پي اي بڻايو. پر اهي اسيمبلين کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ذات ۾ مگن ٿي ويا. ان طرح سان انقلاب نه ايندا آهن. مون کي اهڙا سنڌي نوجوان گهرجن جيڪي نه صرف اسيمبلين ۾ عوام جي حقن جي لاءِ وڙهن بلڪه اسيمبلين کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ به عوام جي حقن جي لاءِ ان وقت تائين جدوجهد ڪندا رهن. جيستائين انقلاب نه اچي وڃي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ايم ڪيو ايم جو پيغام ڦيلجڻ سان پي پي سنڌ جي حڪمرانن جون ننڍون حرام ٿي  ويون آهن. ۽ اهي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آهن. اڄ مڪاني اليڪشن جي مهم جي سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين شهرن وانگر لاڙڪاڻي جي هڪ ميرج هال ۾ به اجتماع هو ته پي پي حڪومت جي حڪم تي ان ميرج هال تي پوليس ڇاپو هنيو. اتان سائونڊ سسٽم ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا ۽ ايم ڪيو ايم جي پنجن ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري ورتو. جناب الطاف حسين لاڙڪاڻي جي ان واقعي جي مذمت ڪندي فرمايو ته اهي انتقامي ڪاروائيون ان جي ڪري ڪيون پيون وڃن ته جيئن شهري علائقن ۾ انهن واقعن تي اشتعال ڦيلجي ۽ فساد ٿئي.  پر اسان فساد جي ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ امن جي لاءِ ڳالھھ ٻولھھ جو رستو اختيار ڪنداسين. انهن فرمايو ته پي پي سياسي ميدان ۾ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪري ، طاقت جا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏي ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي رها ڪري. انهن پي پي جي حڪومت کي مخاطب ڪندي فرمايو ته هاڻي عوام کي ويڙهائڻ جي اوهان جون ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون. اوهان ڀٽو خاندان جي رت جي قيمت وياج وٺي ڪري وصول ڪئي ۽ ارب پتي ۽ کرب پتي بڻجي چڪا آهيو. هاڻي سنڌ کي اوهان جي ڪائي به ضرورت نه آهي. سنڌ جي سموريون زبانون ڳالهائڻ وارا  ماڻهو جن جو جيئڻ مرڻ ، کائڻ پيئڻ، ڪمائڻ ۽ خرچ ڪرڻ سنڌ سان وابسته آهي. اهي پاڻ ۾ گڏجي ڪري سنڌ ڌرتي کي شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي محبت جي اهڙي ڌرتي بڻائينداسين جتي نفرت جو نه بلڪه محبت جو ڌمال وڄندو. اسان پنهنجن حقن جي لاءِ روئيندڙ سنڌ ڌرتي جا ڳوڙها اگهنداسين. جناب الطاف حسين لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي ٻين ٻهراڙي وارن علائقن جي عوام کي چيو ته اوهان انهن ظالمانه هٿڪنڊن جو جواب 31 آڪٽوبر تي پنهنجي ووٽ سان ڏيو ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو. انهن تمام تر ڏکين حالتن جي باوجود ثابت قدمي سان ڪم ڪرڻ وارن ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ عوام کي چيو ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ماڻهن کي منهنجو سلام پهچائين. ان کان اڳ رابطا ڪميٽي  جي ميمبرن شبير احمد قائمخاني، ڪمال ملڪ، محترمه زرين مجيد، زونل انچارج شهزاد گلفام ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سليم ٻنڌاڻي ۽ ديوان چند چاوله به خطاب ڪيو. 
*****


7/17/2024 1:25:22 PM