مخالف مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڀلي پورو زور لڳائي وٺن پر اهي ناڪام ٿيندا.ڊاڪٽر فاروق ستار.شبير احمد قائم خاني ۽ ڪمال ملڪ جو سکر ۾ خطاب.
سکر: 29 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي ڪاميابي کان خوفزده جماعتون صرف ايم ڪيو ايم جون دشمن نه آهن بلڪه اهي غريبن جون به دشمن آهن ۽ اهي نه ٿيون چاهين ته ڪنهن به طرح سان غريب خوشحال ٿين. انهن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر فاورق ستار، رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ ڪمال ملڪ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ سکر جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ عوام حق پرست اميدوارن جي ڀرپور سپورٽ ڪري غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليندا جنهن سان سکر انشاء الله تعالٰي ترقي جي راھ تي گامزن ٿيندو.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت هيٺ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جو انقلاب مقدر بڻجي چڪو آهي ۽ اهي جاگيردار ۽ وڏيرا ڀلي ڪيتريون ئي رڪاوٽون بيهاري ڇو نه وٺن پر فتح آخر حق پرستن جي ئي ٿيندي.ان کان علاوه ايس ٽي سي جوائنٽ انچارج فريد خان ۽ سکر جي زونل انچارج شهزاد گلفام خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي جي سچائي جو اهو زنده ثبوت آهي ته اڄ ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي رهيا آهن.
*****