حق پرست اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي، ثمن جعفري ۽ ناهيد بيگم گلستان جوهر ۾ باھ لڳڻ جي واقعي جي هنڌ جو دورو ڪيو ۽ متاثر ٿيندڙ خاندانن سان ملاقات به ڪئي.
ڪراچي: 29 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن مزمل قريشي، ثمن جعفري ۽ ناهيد بيگم گلستان جوهر ۾ جهڳين ۾ باھ لڳڻ جي واقعي جي هنڌ جو دورو ڪيو ۽ متاثر ٿيندڙ خاندانن سان ملاقات ڪئي. انهن سڙي ڪري فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي صبر جي تلقين به ڪئي. ان موقعي تي انهن زخمين جي گهر وارن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي.
*****