Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاڙڪاڻي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي جلسي جو پوليس جي طرفان گهيراءُ ڪرڻ، انتظام سنڀاليندڙ سان بدتميزي ڪرڻ ۽ خوف ڦيلائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


لاڙڪاڻي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي جلسي جو پوليس جي طرفان گهيراءُ ڪرڻ، انتظام سنڀاليندڙ سان بدتميزي ڪرڻ ۽ خوف ڦيلائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/29/2015
لاڙڪاڻي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي جلسي جو پوليس جي طرفان گهيراءُ ڪرڻ، انتظام سنڀاليندڙ سان بدتميزي ڪرڻ ۽ خوف ڦيلائڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 29 آڪٽوبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي جلسي جو پوليس جي طرفان گهيراءُ ڪرڻ ، انتظام سنڀاليندڙن سان بدتميزي ڪرڻ، موبائيل فون ڇڻڻ ۽ خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي جلسي ۾ پوليس جي طرفان رڪاوٽون بيهارڻ غير جمهوري ۽ غير قانوني عمل آهي ۽ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت حيدرآباد جي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي کان خوفزده آهي ۽ انهي جي ڪري اها ايم ڪيو ايم جي خلاف طاقت جو استعمال ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايم ڪيو ايم کي جلسو ڪرڻ کان روڪڻ جي سنڌ حڪومت جي تعصب وارن قدمن جو نوٽس ورتو وڃي ۽ مڪاني اليڪشن جي ضابطه اخلاق جون ڌڄيون اڏائڻ ۾ ملوث عناصر جي خلاف سخت ترين تاديبي ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

7/17/2024 1:40:48 PM