Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪي ڪي ايف جون امدادي سرگرميون سڄي ملڪ ۾ ٽئين ڏينهن به جاري آهن.


ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪي ڪي ايف جون امدادي سرگرميون سڄي ملڪ ۾ ٽئين ڏينهن به جاري آهن.
 Posted on: 10/29/2015
ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪي ڪي ايف جون امدادي سرگرميون سڄي ملڪ ۾ ٽئين ڏينهن به جاري آهن. 
ذميوار ۽ ڪارڪن زلزلي متاثرن جي لاءِ نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ئي امدادي ڪيمپن تي ويهي ڪري عوام کان عطيات وصول ڪري رهيا آهن. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان ۽ ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي.
ڪراچي: 29 آڪٽوبر 2015 
                      ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي متاثرن جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي ڪيمپن جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي جي 40  امدادي ڪيمپن سميت  سڄي ملڪ ۾  100 کان وڌيڪ امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. جن تي عوام جي طرفان امدادي سامان جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي جو مرڪزي امدادي ڪيمپ ڪراچي ۾ ڪي ڪي ايف جي مرڪزي آفيس ۾ قائم آهي جتان زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ روانا ڪيا پيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  عامر خان ۽ ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي ڪراچي ۾ ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ اتي خدمتون انجام ڏيڻ وارن ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن  کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي عامر خان ۽ ڪهف الورٰي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي پابندي عائد هجڻ جي باوجود ڪارڪن جهڙي طرح سان زلزلي متاثرن جي لاءِ اڳتي وڌي ڪري مدد ڪري رهيا آهن ۽ نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ئي امدادي ڪيمپن تي ويهي ڪري عوام کان عطيات وصول ڪري رهيا آهن. ان مان ثابت آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ان جا ڪارڪن ڏکايل انسانيت جي خدمت کي هرگز به نه ڇڏيندا ۽ ايم ڪيو  ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ڏکايل انسانيت جي خدمت پنهنجو فرض سمجهي ڪري انجام ڏيئي ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف زلزلي متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندا ۽ پنهنجي طاقت جي مطابق انهن جي وڌ کان وڌ  امداد ڪندا ۽ ثابت ڪندا ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن  ڏاڍ ۽ ظلم جي باوجود زلزلي متاثرن ۽ پنهنجن هم وطنن جي امداد جي لاءِ ڪائي به ڪسر نه ڇڏيندا. 
*****

7/17/2024 1:43:57 PM