Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/29/2015
ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪي ڪي ايف جا رضاڪار پنهنجو گهر بار ڇڏي ڪري زلزلي متاثرن جي خدمت عبادت سمجهي ڪري ڪري رهيا آهن.
مرڪزي امدادي ڪيمپ تي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ .
لنڊن: 29 آڪٽوبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار پنهنجو گهر بار ۽ ذاتي مصروفيتون ڇڏي ڪري زلزلي متاثرن جي خدمت عبادت سمجهي ڪري ڪري رهيا آهن. اها ڳالھھ انهن ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ تي ذميوارن ۽ رضاڪارن سان ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن جناب الطاف حسين کي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي کان متاثر ٿيندڙ  خاندانن جي لاءِ جمع ڪيل امدادي شين جي پيڪنگ ۽ ترسيل کان به آگاھ ڪيو. جناب الطاف حسين رضاڪارن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته اوهان جهڙي طرح پنهنجي قائد جي اپيل تي پنهنجو گهر بار ۽ ذاتي مصروفيتون ڇڏي ڪري سچي دل سان مشڪلاتن جي شڪار زلزلي متاثرن جي مدد جي لاءِ محنت 
ڪري رهيا آهيو ان تي ڪي ڪي ايف جو هڪ هڪ رضاڪار زبردست خراج تحسين جو مستحق آهي. اوهان جن ماڻهن کي سڃاڻو به نه ٿا پر صرف ان بنياد تي ته انهن کي مدد جي ضرورت آهي.ان جي ڪري انهن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. ان انساني جذبي جي تحت اوهان ڪم ڪري رهيا آهيو ، الله تعالٰي اوهان جي محنت کي قبول فرمائي ۽ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف کي ڏکايل انسانيت جي وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو  ته اهڙي وقت ۾ جڏهن جو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪار ن جو پنهنجن گهرن کان نڪرڻ ناممڪن هو. اهڙي خوف جي ڪيفيت ۾ ٻين جي مدد جي لاءِ ڪم ڪرڻ تمام وڏي عبادت آهي. اوهان ماڻهن هميشه هر ڏکئي وقت ۾ انسانيت جي خدمت ڪئي آهي، قدرتي آفتون هجن يا حادثا هجن جتي جتي متاثرن کي امداد جي ضرورت پيش آئي آهي اوهان انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ جتي جتي به انهن کي کاڌي پيتي جي شين ، ڪپڙن، گرم ڪپڙن، ڪمبلن، گدن ۽ چادرن جي ضرورت پيش آئي آهي ته اوهان انهن کي اهي امدادي شيون فراهم ڪيون آهن. انهن فرمايو ته هن سال اسان کي نه ته زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪرڻ ڏنو ويو ۽ نه قرباني جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ ڏنيون ويون. پر الله سائين جو ڪرم آهي ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو ڪي ڪي ايف اڄ به کليل آهي ۽ اسان ڏکايل انسانيت جي خدمت جي جذبي جي تحت زلزلي متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهيون. اهو اسان تي الله سائين جو خصوصي ڪرم آهي. انهن فرمايو ته ڪاش ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ان انساني جذبي کي ميڊيا جي ذريعي سڄي ملڪ جا عوام به ڏسي سگهن ها ته انهن کي ڄاڻ ٿئي ها ته اسان مسئلن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڪهڙي طرح انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهيون . پر ڪوئي ڏسي يا نه ڏسي الله تعالٰي اسان جي نيتن ۽ اسان جي نيڪ جذبن کي ڏسي رهيو آهي. جناب الطاف حسين ڏکايل انسانيت جي ڀرپور خدمت ڪرڻ تي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن ۽ ميت بس سروس،ايمبولينس سروس جي ڊرائيورن ۽ سردخانن جي اسٽاف کي به دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****


7/17/2024 1:30:28 PM