Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي سياست جو مقصد اقتدار جو حصول نه بلڪه عوام جي بنيادي مسئلن جو حل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم جي سياست جو مقصد اقتدار جو حصول نه بلڪه عوام جي بنيادي مسئلن جو حل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/29/2015
ايم ڪيو ايم جي سياست جو مقصد اقتدار جو حصول نه بلڪه عوام جي بنيادي مسئلن جو حل آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ميڊيا ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرمين ڏيکارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.
خميس جي صبح  ڪي ڪي ايف جي مرڪزي امدادي ڪيمپ تي رضاڪارن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب.
لنڊن: 29 آڪٽوبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست جو مقصد اقتدار جو حصول نه بلڪه عوام جي بنيادي مسئلن جو حل آهي. ميڊيا  ڪي ڪي ايف جي طرفان زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڪي ڪي ايف جي امدادي سرگرمين جون ويڊيو بڻائي ڪري پوري دنيا ۾ موڪلين ۽ سوشل ميڊيا تي به اپ لوڊ ڪن ته جيئن دنيا کي آگاھ ڪري سگهجي ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو ڪهڙي طرح زلزلي متاثرن جي خدمت ڪري رهيو آهي. اها ڳالھھ انهن خميس جي صبح ڪي ڪي ايف جي مرڪزي امدادي ڪيمپ تي رضاڪارن کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته ڪراچي جي 40 کان وڌيڪ هنڌن تي 

زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ قائم امدادي ڪيمپن ۾ عوام جي طرفان دل کولي ڪري عطيات جمع ڪرايا پيا وڃن ۽ هن مهل تائين ڪيترن ئي ٽرڪن تي ٻڌل کاڌي پيتي جون شيون، دوائون، گرم ڪپڙا ۽ ٻيو امدادي سامان زلزلي متاثرن علائقن ۾ موڪليو ويو آهي ۽ عوام جي طرفان به امدادي ڪيمپن ۾ امدادي سامان جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. جناب الطاف حسين زلزلي متاثرن جي لاءِ ڏينهن رات مصروف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان انسانيت جي خدمت جي جذبي جي تحت جهڙي طرح زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڏينهن رات مصروف آهيو اهو قابل تعريف آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊو ڪيو وڃي ٿو ۽ پاڪستاني ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي مثبت قدمن ۽ فلاحي سرگرمين جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو ڪي ڪي ايف زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ پيش پيش آهي. ان جا رضاڪار ڏينهن رات زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي شيون جمع ڪرڻ، ان جي پيڪنگ ڪرڻ ۽ ترسيل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پر اها ڳالھھ افسوسناڪ  آهي ته ميڊيا ڪي ڪي ايف جي امدادي سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ زلزلي متاثره ماڻهن جي امداد جي لاءِ ڪيترن ئي ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان متاثره علائقن ۾ موڪليو ويو آهي ۽ وڌيڪ سامان به روانو ڪيو پيو وڃي پر پوري دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جي فلاحي سرگرمين کي ڏسڻ وارو ڪوئي به نه آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته دنيا ۾ صرف اکين سان ڏسڻ تي ئي يقين ڪيو وڃي ٿو، ڪي ڪي ايف جا رضاڪار پنهنجا گهر بار ۽ ذاتي مصروفيتون ڇڏي ڪري ڏينهن رات زلزلي متاثره خاندانن جي امداد ۾ مصروف آهن. پنهنجن ڪلهن تي امدادي سامان کڻي ڪري ڦري رهيا آهن. امدادي شين جي پيڪنگ ۾ مصروف آهن ۽ خلق خدا جي خدمت ۾ پگهر ۾ ورتا پيا آهن.پر انهن جي فلاحي سرگرمين کان دنيا واقف ئي نه آهي.  جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن تي زور ڏنو ته 

اهي پنهنجي طور تي ڪي ڪي ايف جي امدادي سرگرمين جون وڊيو ڪلپ بڻائي ڪري نه صرف سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪن بلڪه امدادي سرگرمين جون ڊي وي ڊي به بڻائي ڪري آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه ۽ ٻين اولھھ وارن ملڪن جي اهم حڪومتي شخصيتن کي موڪلين ته جيئن نه صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊن کي زائل ڪري سگهجي. بلڪه دنيا کي به آگاھ ڪري سگهجي ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو ڪي ڪي ايف ڪهڙي طرح زلزلي متاثرن جي خدمت ۾ مصروف آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي جماعت آهي. جيڪا ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم جي سياست جو مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ نه بلڪه عوام جي گڏيل مسئلن، مشڪلاتن ۽ پريشانين کي دور ڪرڻ آهي. انهن جي بنيادي مسئلن کي دور ڪرڻ آهي. ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سڄي ملڪ جي غريب عوام کي عزت جي زندگي گذارڻ جو موقعو ملي، انهن کي ٻن وقتن جي ماني ۽ عزت جو روزگار ملي. جناب الطاف حسين ڏکايل انسانيت جي خدمت ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ڪارڪن، ذميوار ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي دل جي گهرائين سان شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو.
*****

7/17/2024 1:15:43 PM