Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي ۽ اندرون سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل امدادي ڪيمپن تي امدادي سامان گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي


ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي ۽ اندرون سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل امدادي ڪيمپن تي امدادي سامان گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي
 Posted on: 10/28/2015
ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام ڪراچي ۽ اندرون سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل امدادي ڪيمپن تي امدادي سامان گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي
زلزلي متاثرن جي مدد جو جيڪو جذبو عوام ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستاني قوم ڏکايل انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار آهي. رابطا ڪميٽي جي ڪيمپن جي دوري جي موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 28 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي زير اهتمام زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪراچي ۽ اندرون سنڌ سميت پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ لڳايل امدادي ڪيمپن تي عوام جي طرفان امدادي سامان جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ لڳايل 40 امدادي ڪيمپن تي حق پرست عوامي نمائندا ويهي ڪري عوام کان عطيات ۽ امدادي سامان وصول ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي مختلف ڪيمپن جا دورا ڪري جائزو وٺي رهي آهي. ان موقعي تي ڪيمپن تي امدادي سامان جمع ڪرائيندڙ عوام ۽ مخير حضرات پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي ڪي ايف هميشه عوام جي ڀلائي جي لاءِ متحرڪ رهيو آهي، انهن جو چوڻ هو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي خدمت خلق ڪميٽي جي بنياد رکي ڇڏي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهو ادارو پنهنجي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين عوام جي بغير فرق جي خدمت ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي عطيات جمع ڪرائيندڙن جي جذبن کي ساراهيندي چيو ته جيڪو جذبو عوام جو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي اهو ثابت ڪري ٿو ته پاڪستاني قوم ڏکايل انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار آهي ۽ انهي جذبي کي فروغ ڏيئي ڪري ملڪ و قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. 

7/17/2024 1:19:31 PM