Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ سکر جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ٻه سيڪڙو جاگيردارن جي هٿن ۾ ڏيڻو آهي يا انهن جي خلاف اٿي کڙو ٿيڻو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير قائم خاني، اقبال مقدم ۽ زاهد منصوري

 Posted on: 10/28/2015

سکر ۾ مختلف يونين ڪائونسلن ۾ اجلاسن کي خطاب
سکر: 28 آڪٽوبر 2015
جناب الطاف حسين ملڪ جي مظلوم عوام کي اهو مقام ڏيارڻ چاهين ٿا جنهن سان انهن کي انهن جي دروازن تائين سهولتون ملي سگهن. انهن خيالن جو اظهار  رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، اقبال مقدم ۽ زاهد منصوري مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام جي اجلاسن کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايس ٽي سي انچارج عمر قريشي، سکر زونل انچارج شهزاد گلفام ۽ حق پرست ايم پي اي سليم ٻنڌاڻي به  موجود هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته سازشي عناصر ڀلي ڪيترو به ظلم ڪري وٺن پر سکر جا عوام جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ئي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائيندا. انهن چيو ته اڄ جي اجلاس ۾ جيڪو جوش و جذبو نظر اچي رهيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جناب الطاف حسين ئي عوام جي دلين ۾ ڌڙڪن ٿا. انهن چيو ته اهو جناب الطاف حسين جي نظريي جي سچائي جو واضع ثبوت آهي جو ماڻهو وڏي تعداد ۾ ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي رهيا آهن ۽ هاڻي ملڪ جي 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ٻه سيڪڙو جاگيردارن جي هٿن ۾ ڏيڻو آهي يا انهن جي خلاف اٿي کڙو ٿيڻو آهي. اجلاس ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 

7/17/2024 1:33:38 PM