Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ اعتدال پسند جماعت آهي جيڪا پهرين ئي ڏينهن کان مذهبي جنونيت ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني ۽ اقبال مقدم


ايم ڪيو ايم هڪ اعتدال پسند جماعت آهي جيڪا پهرين ئي ڏينهن کان مذهبي جنونيت ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني ۽ اقبال مقدم
 Posted on: 10/28/2015
ايم ڪيو ايم هڪ اعتدال پسند جماعت آهي جيڪا پهرين ئي ڏينهن کان مذهبي جنونيت ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني ۽ اقبال مقدم
جيڪب آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي تڏي تي وڃي ڪري تعزيت ۽ شيعا عالمن سڳورن سان ملاقات
جيڪب آباد: 28 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ اقبال مقدم چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اعتدال پسند جماعت آهي جيڪا پهرين ئي ڏينهن کان مذهبي جنونيت ۽ دهشت گردي جي خلاف آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن ۾ هم آهنگي ۽ محبت جي فضا قائم ڪرڻ چاهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن جيڪب آباد ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ تعزيتي اجلاس ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان کان اڳ رابطا ڪميٽي وفد سميت جيڪب آباد واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن علي رضا، سڪندر علي، اصغر علي ۽ نياز جاکراڻي جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي مسجد علي ۾ قائم سيڪريٽريٽ ۾ جعفريه الائنس ۽ تنظيم وحدت المسلمين جي ضلعي صدر بندي علي جعفري سان ملاقات ڪئي ۽ سانحه جيڪب آباد تي دلي تعزيت  ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو . ان موقعي تي انهن شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي وفد سميت جيڪب آباد جي اين جي او جي طرفان سانحه جيڪب آباد جي ياد ۾ منعقد ڪيل هڪ تعزيتي ميڙاڪي ۾ به شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ انهن سانحه جيڪب آباد جي خلاف عوامي احتجاج ۾ پوليس جي فائرنگ سان هلاڪ ٿيندڙ واپڊا جي ملازم جي تڏي تي وڃي ڪري تعزيت به ڪئي.


7/17/2024 1:42:27 PM