حيدرآباد منهنجو شهر آهي، منهنجو ناز آهي، منهنجو پيار آهي ۽ منهنجي چاهت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 28 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد جي پڪا قلعي ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي حيدرآباد جي شهر سان پنهنجي بي پناھ محبت جو اظهار ڪندي فرمايو ته حيدرآباد منهنجو شهر آهي، منهنجو ناز آهي، منهنجو پيار آهي، منهنجي چاهت آهي، منهنجو دل آهي ۽ منهنجي ڌڙڪن آهي. انهن دعا ڪندي فرمايو ته اي الله سائين حيدرآباد کي هميشه منهنجو شهر بڻائي رک، ان ڳالھھ تي ڪارڪنن ڪافي دير تائين زوردار تاڙيون وڄايون ۽ زوردار نعرا هڻي ڪري جناب الطاف حسين سان پنهنجي بي پناھ محبت جو اظهار به ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان جڏهن پاڪستان ۾ هيس ته حيدرآباد جا دورا ڪندو هيس، حيدرآباد جون گهٽيون ۽ علائقا اڄ به منهنجي اکين جي سامهون آهن.