Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ليبر ڊويزن جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس


لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ليبر ڊويزن جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس
 Posted on: 10/28/2015
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ليبر ڊويزن جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس
ڪراچي: 28 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ ليبر ڊويزن جي تنظيم نو جي سلسلي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عادل خان ۽ رضوان بابر ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي، جوائنٽ انچارجن  انجنيئر ڪاشف ۽ ارشد انصاري سميت 13 رڪني مرڪزي ڪميٽي جو اعلان ڪيو ۽ چونڊيل ذميوارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارلباد به پيش ڪئي. جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان چيو ته ليبر ڊويزن تحريڪ جو اولين دستو آهي. ۽ ان سان لاڳاپيل ذميوارن ۽ ڪارڪنن هر موقعي تي تحريڪ جي لاءِ وڌي چڙهي ڪري نه صرف ڪم ڪيو آهي بلڪه قربانيون به ڏنيون آهن. انهن چيو ته موجوده حالتن ۾ ليبر ڊويزن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي پيغام کي وڌ کان وڌ ڦيلائين.  انهن چيو ته مزدور طبقو ڪنهن به ملڪ جو  هجي اهو ئي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن هوندو آهي. انهن چيو ته مزدور طبقي تي بااثر شخصيتن جو ظلم ۽ ڏاڍ  جاري رهي ٿو پر هڪ ڏينهن ضرور ظالم ماڻهو پنهنجي انجام کي پهچن ٿا . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر رضوان بابر ليبر ڊويزن جي نئين انچارج ۽ ڪميٽي کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته تحريڪ ۾ ذميواريون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو عمل جاري رهي ٿو  ۽ ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو ۽ انهن کي پنهنجن حقن جو احساس ڏياريو. انهن ليبرڊويزن جي نئين چونڊيل ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجيون ذميواريون سهڻي نموني سان نڀائي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظريي جي فروغ جي لاءِ دل لگي سان ڪم ڪري.


7/17/2024 1:19:31 PM