Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان دهشت گرد نه بلڪه امن پسند آهيون ۽ پوري ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان دهشت گرد نه بلڪه امن پسند آهيون ۽ پوري ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/28/2015
اسان دهشت گرد نه بلڪه امن پسند آهيون ۽ پوري ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسان ڪرپشن فري سوسائٽي ۽ انصاف جو نظام چاهيون ٿا
قومي ادارا ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪري ڏکين حالتن کي منھھ ڏين ۽ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن
مان غريب سنڌين کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلم کان نجات ڏيارڻ چاهيان ٿو
 حيدرآباد جي پڪا قلعي  ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب
لنڊن: 28 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪجھھ عناصر ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد چون ٿا ۽ ان جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهو سڀ ڪوڙ آهي. اسان دهشت گرد نه بلڪه امن پسند آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا ۽ ڪرپشن فري معاشرو چاهيون ٿا،جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد سمجهن ٿا الله تعالٰي انهن ما ڻهن ۽ ادارن کي توفيق عطا فرمائي ته اهي ايم ڪيو ايم کي ملڪ دشمن ۽ غلط سمجهڻ جي بجاءِ ان کي پنهنجو سمجهن. ان سان پيار ڪرڻ سکن ته جيئن اهي قومي ادارا ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٿي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن ۽ ڏکين حالتن کي منھھ ڏين ۽ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد پڪا قلعي ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمايو . ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر، حق پرست قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جا ميمبر ۽ حيدرآباد جي زونل ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. جناب الطاف حسين جو خطاب پاڪستان کان علاوه برطانيه، ڪينيڊا، آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، سائوٿ آفريڪا، بيلجيئم، سوئيڊن، جاپان، خليجي ملڪن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڏيکاريو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ خطرناڪ زلزلي جي ڪري 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهو هلاڪ ۽ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. انهن فرمايو ته روايت جي مطابق قدرتي آفتن ۽ حادثن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي امداد جي لاءِ  ڪي ڪي ايف وڌي چڙهي ڪري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪي ڪي ايف جا 100 کان وڌيڪ ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم 2013 ۾ دهشت گردن جي خلاف شروع ڪيل آپريشن جي نالي تي رياستي ظلمن جو نشانو بڻيل آهي. ان دوران هزارين ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ڪيا ويا آهن ۽ هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي. پر ان جي باوجود غور ڪرڻ کان پوءِ اسان ان نتيجي تي پهتا سين ته ڀلي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڇو نه ٿين پر اسان جي مدد سان جيڪڏهن ڪنهن هڪ انسان جي به زندگي بچي وڃي ٿي ته اها اسان جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ هڪ انسان جي زندگي بچائڻ  پوري انسانيت کي بچائڻ جي برابر آهي. جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم حق پرست عوام خصوصن مخير حضرات کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف جي امدادي ڪيمپن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو امدادي سامان جمع ڪرائين. جناب الطاف حسين سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي محرومين جو ذڪر ڪندي فرمايو ته سنڌ جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن غريب هارين، ڪڙمين ۽ مزدورن جي مدد ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي حقن تي قبضو ڪري رکيو آهي. انهن فرمايو ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو ته سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن انهن جي شهادت جو بدلو ان طرح ورتو جو اقتدار حاصل ڪري عيش  جي زندگي گذاريائون. پوءِ مير شاهنواز ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو ته انهن جي شهادت جو بدلو به اقتدار حاصل ڪري ورتو ويو ۽ آخر ڪار  بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ انهن جي شهادت جو بدلو به اقتدار حاصل ڪري ۽ دولت ڪمائي ڪري ورتو ويو. پر انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن غريب سنڌين جي ڪائي به مدد ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي پنهنجو غلام بڻائي رکيو. جناب الطاف حسين سنڌي زبان ۾ خطاب ڪندي فرمايو ته ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا مظلوم عوام جي خلاف سازشون ڪن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪن ٿا. اسان کي گڏجي ڪري انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. اوهان سنڌ ڌرتي جا وارث ۽ شاھ لطيف جي پيغام جا امين آهيو، مان اوهان کي درخواست ڪريان ٿو ته غريب هارين، ڪڙمين، مزدورن ۽ انهن جي خاندانن کي ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي چنبي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچو ، اتحاد جو مظاهرو ڪريو، سنڌ ڌرتي تي رهڻ وارا اردو  ڳالهائڻ وارا هجن ، سنڌي ڳالهائڻ وارا هجن، پختون، پنجابي، بلوچ، ڪشميري، سرائيڪي، هزاري وال يا ڪنهن به قوم سان تعلق رکڻ وارا هجن منهنجي انهن سڀني کي اپيل آهي ته اهي پاڻ ۾ متحد ٿي وڃن. انهن وڌيڪ فرمايو ته مون کي سنڌي زبان ڳالهائڻ نه ٿي اچي، ان جي ڪري مون کان سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڪائي غلطي ٿي وڃي ته مان اڳواٽ ئي معافي وٺان ٿو. پر سنڌي زبان منهنجي ڌرتي جي زبان آهي ۽ مان سنڌي زبان سان محبت ڪريان ٿو. مان غريب سنڌين کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلمن کان نجات ڏيارڻ چاهيان ٿو ، اها منهنجي دلي خواهش آهي پر ان ڪم جي لاءِ مون کي سنڌي امڙين، ڀينرن ، بزرگن ۽ نوجوانن جو تعاون گهرجي. جناب الطاف حسين سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي کان ڪشمور تائين مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين. مون کي ڄاڻ آهي ته حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ اوهان کي پنهنجن علائقن جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ظلمن کي برداشت ڪرڻو پوندو. پر سنڌ ڌرتي امڙ جي خاطر هڪ ڀيرو اوهان کي انهن ظالم جاگيردارن ۽ وڏيرن جي خلاف اٿڻو پوندو اهو ڪوئي ڏکيو ڪم نه آهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام مڪاني اليڪشن ۾ مڙسي ڏيکاري ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم اوهان کي مايوس نه ڪندي. اسان سڀ گڏجي ڪري سنڌ ڌرتي جو قرض لاهيندا سين، گڏجي ڪري سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪنداسين ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ روڊ، اسڪول، ڇوڪرين  جا ڪاليج ، ٻيا تعليمي ادارا ۽ اسپتال قائم ڪنداسين. جناب الطاف حسين سنڌ جي بلوچن، پختونن ۽ پنجابين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جو جيئڻ مرڻ به سنڌ ڌرتي سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ڌرتي جي ترقي ۽ خوشحالي جي خاطر اوهان به ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي وڃو ۽ سنڌ جي غريب عوام کي جاگيردارن جي چنبي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرايو.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مختلف قومن سان تعلق رکڻ وارن جاگيردارن ، وڏيرن ۽ سرمائيدارن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري رکيو آهي ۽ اهي غريب عوام جي خلاف هڪ آهن ته پوءِ سنڌ ۾ وسندڙ قومن جي غريب ۽ مظلوم عوام کي به اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪراچي کان ڪشمور تائين وسندڙ سنڌين، بلوچن، پختونن، پنجابين، اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين، ڪشميرين، گلگتي بلتستانين، سرائيڪين، هزاري والن، آغا خانين ، اسماعيلين، بوهرين، سکن، هندن ۽ عيسائين  به اتحاد جو مظاهرو ڪيو ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرايو ته انشاء الله تعالٰي صوبي جي غريب عوام جي قسمت بدلجي ويندي. صوبو ترقي ڪندو ۽ پوءِ غريب سنڌين تي ظلم ڪرڻ وارن جاگيردارن، وڏيرن ۽ انهن جي ظلمن جو خاتمو ٿي ويندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھھ عناصر ايم ڪيو ايم کي دهشت گرد چون ٿا ۽ ان جو اميج خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهو سڀ ڪوڙ آهي، اسان دهشت گرد نه آهيون، اسان امن پسند هئاسين ۽ امن پسند آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ امن چاهيون ٿا. ڪرپشن فري معاشرو ۽ انصاف جو نظام چاهيون ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ملڪ جو سڄڻ نه ٿا سمجهن بلڪه دهشت گرد سمجهن ٿا الله تعالٰي انهن کي ۽ انهن جي ادارن کي توفيق عطا ڪري ته اهي ايم ڪيو ايم کي ملڪ دشمن ۽ غلط سمجهڻ جي بجاءِ ان کي پنهنجو سمجهن. ان سان پيار ڪرڻ سکن ته جيئن اهي قومي ادارا ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن ۽ وڏين ڏکين حالتن کي منھھ ڏين ۽ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو پيغام غريبن جي حقن جي لاءِ آهي ، مخالف ڀلي ڪجھھ به چون پر اها منهنجي پيغام جي سچائي آهي ته اهو اڄ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ئي نه بلڪه پنجاب جي ڳوٺن ، بلوچستان جي جبلن، ڪي پي ڪي ، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي علائقن ۽ پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي رهيو آهي. انهي جي ڪري حڪومت ڊڄي ڪري منهنجيون تقريرون ۽ بيان نشر ڪرڻ ۽ تصويرون ڏيکارڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پر مون کي ان جي ڪائي به پرواھ  نه آهي. الطاف حسين غريبن جي دل ۾ وسي ٿو. انهن فرمايو ته مان الله تعالٰي جو لک لک شڪر ادا ڪريان ٿو جو ان تمام تر ظلمن، پروفيگينڊن ۽ پابندين جي باوجود عوام جي دلين ۾ منهنجي محبت قائم رکي. جناب الطاف حسين حيدرآباد شهر سان پنهنجي وابستگي ۽ ان شهر جي عوام جي عقيدت ۽ محبت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته 38 سالن جي جدوجهد جي دوران حيدرآباد جي عوام هر ڀيري پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو آهي ته اهو شهر صرف الطاف حسين جو شهر آهي. پر هن ڀيري حيدرآباد جي عوام مڪاني اليڪشن ۾ پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان عقيدت ۽ محبت جي انوکي مثال قائم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حيدرآباد حقيقت ۾ الطاف حسين جو شهر آهي. انهن فرمايو ته مان حيدرآباد کي پنهنجو شهر چوان ٿو ته ڪجھھ ماڻهو ان تي ڌٻيل لفظن ۾ اعتراض ڪن ٿا. مان حيدرآباد کي پنهنجو شهر ڇو نه چوان، ان شهر جي ماڻهن هر ڏکئي وقت ۾ الطاف حسين جو ساٿ نڀايو آهي ۽ تمام تر سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود الطاف حسين  جي نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو آهي. انهن فرمايو ته حيدرآباد جي 96 يونين ڪائونسلن مان 22 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڪيو ايم جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي جي چونڊجي ويا آهن. اهڙي طرح 384 جنرل ڪائونسلرن مان ايم ڪيو ايم جا 198 جنرل ڪائونسلر به بنا مقابلي جي چونڊجي ويا آهن. پوءِ مان حيدرآباد کي پنهنجو شهر ڇو نه چوان. انهن فرمايو ته 1987 جي مڪاني اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي جي چونڊجي ويا هئا. انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيندا. جناب الطاف حسين بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي سمورن يوسي چيئرمينن وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي چيو ته اهي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪن. منهنجي آرزو آهي ته منهنجا سمورا نمائندا اهڙي طرح ڪم ڪن جو عوام پنهنجن مسئلن جي لاءِ انهن وٽ نه اچن بلڪه اهي پاڻ عوام جي دروازن تي وڃي ڪري انهن جا مسئلا حل ڪن. انهن حيدرآباد جي زونل ڪميٽي، سيڪٽرن، يونٽن، سمورن ڪارڪنن ۽ حيدرآباد جي سمورن ونگز ۽ شعبن جي ميمبرن کي محنت ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن اجتماع جي ڪوريج جي لاءِ ايندڙ ميڊيا جي سمورن نمائندن جو به شڪريو ادا ڪيو. 

7/17/2024 1:18:47 PM