Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳايل امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳايل امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو.
 Posted on: 10/27/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبرن زلزلي متاثرن جي لاءِ لڳايل ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳايل امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو.
ڪراچي: 27 آڪٽوبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن امين الحق ۽ ڪنور نويد جميل زلزلي متاثرن جي امداد جي لاءِ ڪي ڪي ايف جي طرفان لڳايل امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ امدادي ڪيپمن تي ويهي ڪري عوام کان عطيات ۽ امدادي سامان به وصول ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سي اي سي انچارج وسيم اختر  ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر به انهن سان گڏ هئا. رابطا ڪميٽي ڪي ڪي ايف جي مرڪزي ڪيمپ سميت فيڊرل بي ايريا ۽ لياقت آباد ۾ لڳايل ڪيمپن تي وڃي ڪري اتي خدمتون انجام ڏيڻ وارن ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ خطرناڪ زلزلي کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڪي ڪي ايف کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ان کي وڌي چڙهي ڪري امداد ڪرڻ جي هدايت ڏيڻ ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم ڏکايل انسانيت جي خدمت ۾ هميشه وانگر هاڻي به پيش پيش آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم زلزلي متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرميون انهن جي مڪمل بحالي تائين جاري رکندي ۽ انشاء الله تعالٰي جيستائين هڪ به زلزلي متاثر خاندان امدادي سرگرمين کان فيض ياب نه ٿو ٿئي ان وقت تائين امدادي ڪم جاري رهندو. 
*****


7/17/2024 1:18:47 PM