Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر ايوب تاباني ۽ ملير سيڪٽر جي ڪارڪن سيد قيصر جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر ايوب تاباني ۽ ملير سيڪٽر جي ڪارڪن سيد قيصر جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 10/27/2015
رينجر اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر ايوب تاباني ۽ ملير سيڪٽر جي ڪارڪن سيد قيصر جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 27 آڪٽوبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر محمد ايوب تاباني کي ڪريم آباد وٽان ۽ ايم ڪيو ايم ملير سيڪٽر يونٽ 102 جي ڪارڪن سيد قيصر کي انهن جي گهر تان گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ان کان علاوه فيڊرل بي ايريا سيڪٽر يونٽ 148 جو ڪارڪن ارشد احمد جيڪي ڪالھھ شام جو 4 وڳي نائن زيرو کان پنهنجي گهر فيڊرل بي ايريا اچي رهيا هئا. اهي به هن مهل تائين لاپتا آهن ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته انهن کي به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن رستي کان ئي گرفتار ڪري لاپتا ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي متاثره خاندانن جي لاءِ امدادي سرگرميون انجام ڏيئي رهي آهي.ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھھ آهي ۽ اهو ايم ڪيو ايم کي زلزلي متاثرن جي مدد ڪرڻ کان روڪڻ جي برابر آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪراچي مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو  ته اهي رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ انهن گرفتارين جي تحقيقات ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آنديون وڃن. 
*****

7/17/2024 1:16:42 PM