Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪراچي ۾ نشتر پارڪ کان نڪرندڙ مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪراچي ۾ نشتر پارڪ کان نڪرندڙ مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت.
 Posted on: 10/24/2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڪراچي ۾ نشتر پارڪ کان نڪرندڙ مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت.
جلوسن جي گذرگاهن تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان طبي ڪيمپ به لڳايا ويا ۽ سبيلن ۽ لنگر جو اهتمام به ڪيو ويو.
ڪراچي: 24 آڪٽوبر 2015 
                 يوم عاشور جي موقعي تي ڪراچي جي نشتر پارڪ کان نڪرندڙ مرڪزي ماتمي جلوس ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق، عارف خان، ڪنور نويد جميل، ارشد خان، ڪمال ملڪ، گلفراز خان خٽڪ، عبدالقادر خانزاده، اقبال مقدم، عادل خان، سي اي سي انچارج وسيم اختر، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، علماء ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي جلوسن جي گذرگاهن تي ڪي ڪي ايف جي طرفان طبي امدادي ڪيمپ به قائم ڪيا ويا هئا. جڏهن ته مختلف علاقائي سيڪٽرن جي طرفان سبيلون به لڳايون ويون ۽ لنگر جو به اهتمام ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي رهنمائن جلوسن ۾ شريڪ عالمن سڳورن، انتظاميه، جلوسن جي انجمنن جي عهديدارن ۽ عزادارن حسين سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي عزادارن حسين، عالمن سڳورن ۽ انجمنن جي عهديدارن جناب الطاف حسين جي طرفان هر سال وانگر هن سال به عزادارن حسين جي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
*****

7/17/2024 1:34:47 PM