بلوچستان جي علائقي بولان جي امام بارگاھ ڪاظميه ۾ بم ڌماڪي تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 22 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بلوچستان جي علائقي بولان جي امام بارگاھ ڪاظميه ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا فرمائيندي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي بم ڌماڪي جي زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائين ۽ انهن کي بهتر کان سهولتون فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪن.