ملتان زون تعلقي صادق آباد جي ڪميٽي ميمبر مرزٰي پهول دين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 22 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ملتان زون تعلقي صادق آباد جي ڪميٽي ميمبر مرزٰي پهول دين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن . جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.