Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن علامه طالب جوهري، مفتي منيب الرحمٰن، علامه ناصر قلندري ۽ مولانا اشرف گورماڻي سان ملاقاتون


محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن علامه طالب جوهري، مفتي منيب الرحمٰن، علامه ناصر قلندري ۽ مولانا اشرف گورماڻي سان  ملاقاتون
 Posted on: 10/22/2015
محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي معروف عالمن سڳورن علامه طالب جوهري، مفتي منيب الرحمٰن، علامه ناصر قلندري ۽ مولانا اشرف گورماڻي سان  ملاقاتون
ڪراچي: 22 آڪٽوبر 2015 
محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ عبدالقادر خانزاده معروف عالمن سڳورن علامه طالب جوهري، مفتي منيب الرحمٰن، علامه ناصر قلندري ۽ مولانا اشرف گورماڻي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکڻ، مذهبي انتها پسندي جي خاتمي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر حيدر عباس رضوي علماء ڪميٽي جو انچارج جاويد احمد ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات جي موقعي تي رابطا ڪميٽي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته دنيا جي مختلف مسلمان ملڪن ۾ انتها پسند ٽولا شيعه سني فسادن کي هوا ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ امن و ڀائيچاري جي لاءِ سڄي ملڪ جي عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پاڻ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچارو قائم ڪري سازشي عناصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن اڄ ملڪ ۾ انهن خطرناڪ ٽولن جي موجودگي جو نوٽس نه ورتو ويو ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار نه رکيو ويو ته ان جا اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا  پوندا. ان موقعي تي عالمن سڳورن مذهبي رواداري جي قيام جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد سياسي اڳواڻ آهن جيڪي نه صرف پاڻ مذهبي رواداري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن بلڪه ان جا ڪارڪن به ڏينهن رات ان ڀائيچاري جي فضا کي قائم رکڻ جي لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. عالمن سڳورن رابطا ڪميٽي کي پنهنجي ڀرپور تعاون جو سهڪار ڪرائيندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان ۾ وسندڙ سمورن مڪاتب فڪر جي ماڻهن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچارو قائم ڪري . ان موقعي تي عالمن سڳورن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ، صحت و تندرستي ۽ اچانڪ آفتن کان بچاءُ جي لاءِ  خصوصي دعائون به ڪيون.


7/17/2024 1:19:32 PM