Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 10/22/2015
رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 22 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 3  A- جي ڪارڪن غفار ، جڏهن ته ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 75 جي ڪارڪن نعمان حسين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجي پرامن سياسي ۽ جمهوري جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ان جدوجهد جي ڏوھ ۾ ئي ايم ڪيو ايم تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي ۽ انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪراچي آپريشن جي لاءِ قائم ڪيل شڪايات ازاله ڪميٽي جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪارڪنن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن کي عوام  جي مقبول جماعت جي خلاف استعمال ڪري ڪراچي آپريشن کي تڪراري بڻائڻ جي سازشن جو به خاتمو ڪيو وڃي. 


7/17/2024 1:16:26 PM