Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 10/22/2015
ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
قومي خزاني کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ وارو ملڪ جو سڀني کان وڏو شهر پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي لاءِ ترسي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 22 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ڪراچي جو پاڻي چوري ڪري غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ڪري شهر ۾ پاڻي جو بحران تمام گهڻو وڌي ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سٽي ناظم جي دور ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو نه هو بلڪه حق پرست قيادت ته لياري ۽ ڪراچي جي ٻين قديم علائقن ۾ به جن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڻي نه ملي رهيو هو  انهن کي به پاڻي فراهم ڪيو. پر ايم ڪيو ايم جي سٽي گورنمينٽ ختم ٿيندي ئي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ سخت کان سخت ٿيندي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ وارو ملڪ جو سڀني کان وڏو شهر پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي لاءِ ترسي رهيو آهي پر حڪومت جي طرفان اهو عذر پيش ڪيو پيو وڃي ته ارسا جي طرفان ئي ڪراچي کي روزانو 60 ڪروڙ گيلن پاڻي ڏنو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن واقعي ان بحران جو ڪارڻ ارسا جي طرفان گهربل پاڻي فراهم ڪرڻ نه آهي ته شهر جا عوام اهو سادڙو سوال پچن ٿا  ته شهر ۾ ڪم ڪرڻ وارن هائيڊرينٽ ۽ ٽينڪر مافيا کي وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪٿان ملي رهيو آهي؟ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪالھھ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي دوران حڪومت جي طرفان به اهو عذر پيش ڪيو ويو ته ڪراچي جو پاڻي سنڌ حڪومت جي هدايت تي سيلاب متاثرن جي لاءِ بدين ۽ نواب شاھ موڪليو ويو هو،  پر جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي پاڻ  اها آبزرويشن آهي ته پاڻي جي ٽينڪرن جا 80 سيڪڙو بل جعلي آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اصل معاملو اهو آهي ته ڪراچي جو پاڻي هڪ منظم طريقي سان چوري ڪري غير قانوني طريقي سان وڪرو ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ حڪومت، واٽر بورڊ جا اعلٰي آفيسر، هائيڊ رينٽ ۽ ٽينڪر مافيا ملوث آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي باري ۾ اٿندي ويهندي ڪريڊٽ ته وٺن ٿيون پر انهن مان ڪائي به اهو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي ۽ هر معاملي وانگر ان معاملي ۾ به ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ڪراچي جي شهرين سان ٿيندڙ زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بينادن تي قدم کنيا وڃن.


7/17/2024 1:16:26 PM