Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم گلشن معمار اسڪيم 33 جي ڪارڪن عديل جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم گلشن معمار اسڪيم 33 جي ڪارڪن عديل جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 10/21/2015
رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم گلشن معمار اسڪيم 33 جي ڪارڪن عديل جي گرفتاري تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 21 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان عزادارن حسين جي لاءِ لڳايل سبيل تي ويٺل ايم ڪيو ايم گلشن  معمار اسڪيم 33 يونٽ 33 اي جي ڪارڪن عديل جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي حوصلن کي ڪمزور ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي ڪارڪنن کي جناب الطاف حسين کان پري ڪري سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گهرن کان ته گرفتار ڪيو پيو وڃي پر هاڻي انهن کي عزادارن حسين جي لاءِ لڳايل سبيلن تان به گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ شڪايات ازاله ڪميٽي جي ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪارڪن عديل جي گرفتاري جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ بغير ڪنهن جواز جي ڇاپن جو سلسلو بند ڪرائين.


7/17/2024 1:30:18 PM