ممتاز سينيئر صحافي سميع ابراهيم تي واشنگٽن ۾ دهشت گردن جي حملي تي ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار
لنڊن: 21 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت ممتاز سينيئر صحافي سميع ابراهيم تي پاڪستاني ايمبسٽي واشنگٽن ۾ دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سميع ابراهيم تي حملو صحافت جي آزادي تي حملو آهي جنهن جو حڪومت کي سنجيدگي سان نوٽس وٺڻ گهرجي ۽ ان واقعي جي تحققيقات ڪندي ان ۾ ملوث حملو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.