Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بار بار عوامي اعتماد جي باوجود ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر اقبال مقدم


بار بار عوامي اعتماد جي باوجود ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر اقبال مقدم
 Posted on: 10/21/2015
بار بار عوامي اعتماد جي باوجود ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر اقبال مقدم
لياقت آباد ايف سي ايريا ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب
ڪراچي: 21 آڪٽوبر 2015 
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ لياقت آباد ايف سي ايريا ۾ هڪ وڏي ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اقبال مقدم، ريحانه يوسفزئي سي اي سي انچارج وسيم اختر، احمد سليم صديقي ۽ ٻين کان علاوه عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اقبال مقدم چيو ته ايم ڪيو ايم ماضي جي سمورن  اليڪشنن ۾ عوام جي ڀرپور حمايت سان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پر افسوسناڪ ڳالھھ اها آهي ته بار بار عوامي اعتماد جي باوجود ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اڄ به ان جي مينڊيٽ کي پيرن هيٺان لتاڙيو پيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم تي جڏهن جڏهن ظلمن جو سلسلو تيز ٿيو ته تڏهن ئي ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۾ به اضافو ٿيو آهي ۽ تاريخ ان ڳالھھ جي گواھ آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي سڀني کان وڏي جمهوريت پسند ۽ امن پسند جماعت آهي ۽ سمورن قومن، مسلڪن ۽ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جو ميدان ڇني ڪري نام نهاد سياسي جماعتن کي ڏيڻ جي مڪروھ سازش ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي لاءِ غير قانوني تڪ بنديون ، ٽرانفسر پوسٽنگ جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو. 
 

7/17/2024 1:22:54 PM