ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي علامه فرقان حيدر عابدي ۽ سيد حسين رضوي سان الڳ الڳ ملاقاتون
ڪراچي: 21 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ عبدالقادر خانزاده قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي اتحاد بين المسلمين جي فروغ جي لاءِ علامه فرقان حيدر عابدي ۽ سيد حسين رضوي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي علماء ڪميٽي جا ميمبر ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. ملاقات ۾ رابطا ڪميٽي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان کي مذهبي جنونيت ۽ انتها پسندي کان پاڪ هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهين ٿا جتي هر عقيدي ۽ مسلڪ سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي پنهنجي عقيدي جي مطابق عبادت ڪرڻ جو حق حاصل هجي. پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ان جي ڪري اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان ان کي اسلام جي اصل روح جي مطابق بڻايون. ان موقعي تي عالمن سڳورن محرم شريف ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي سلام تحسين به پيش ڪيو.