Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت آهي ۽ ملڪ جو هر مظلوم ماڻهو ان جو همدرد ۽ ان جو حصو آهي. محمد حسين


ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت آهي ۽ ملڪ جو هر مظلوم ماڻهو ان جو همدرد ۽ ان جو حصو آهي. محمد حسين
 Posted on: 10/20/2015
ايم ڪيو ايم ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت آهي ۽ ملڪ جو هر مظلوم ماڻهو ان جو همدرد ۽ ان جو حصو آهي. محمد حسين
قصبه علي ڳڙھ ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015
 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن جو سلسلو جاري آهي . ان سلسلي ۾ اورنگي ٽائون ۾ هڪ ڪارنر ميٽنگ جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، سي اي سي ميمبرن طارق جاويد، احمد سليم صديقي، ايس ايم تنوير ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد حسين چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چوٿين وڏي جماعت آهي جنهن جا اسيمبلي ميمبر ڪراچي کان ڪشمير تائين موجود آهن ۽ اڄ ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ ايم ڪيو ايم جو چاهڻ وارو موجود آهي. انهن چيو ته اورنگي ٽائون جي عوام هميشه جناب الطاف حسين جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هن ڀيري به عوام حق پرستن نمائندن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائيندا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جڏهن کان  تحريڪ بڻائي آهي ته ان ڏينهن کان وٺي ڪري اڄ تائين انهن  تمام گهڻين تڪليفن کي منھھ ڏنو آهي ۽ هزارين ساٿين پنهنجين جانين جا نذرانا به پيش ڪيا آهن. جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو وڏو ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽو عارف حسين شهيد به شامل آهن. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر طارق جاويد خطاب ڪندي چيو ته مڪاني نظام هر ملڪ جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ تي قابض جاگيردارن، وڏيرن ۽ سياسدتدانن غريب عوام تائين انهن جا حق پهچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي جماعت آهي جنهن جو هر ڪارڪن محب وطن ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. انهن قصبه علي ڳڙھ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 5 ڊسمبر تي وڏي تعداد ۾ گهرن کان نڪرن ۽ لغڙ تي مهر هڻي ڪري مخالفن جا منھھ ڀڃي ڇڏين. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر ايس ايم تنوير به خطاب ڪيو ۽ انهن اميداورن کي علائقي جي عوام سان متعارف به ڪرايو. ان موقعي تي عوام وڏي پرجوش انداز ۾ نعرا هڻي ڪري انهن جو استقبال ڪيو.



7/17/2024 1:25:22 PM