Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سرجاني سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج محمد شاڪر خان سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


ايم ڪيو ايم سرجاني سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج محمد شاڪر خان سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 10/20/2015
ايم ڪيو ايم سرجاني سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج محمد شاڪر خان سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين ڪارڪنن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 20 آڪٽوبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سرجاني سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج محمد شاڪر خان سميت ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن سرجاني سيڪٽر جي جوائنٽ سيڪٽر انچارج محمد شاڪر خان، رنڇوڙ لائين سيڪٽر يوسي 5 جي ڪارڪن ياسر، اورنگي سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪنن غلام شبير ۽ عدنان کي رينجر ۽ پوليس وارن گرفتار ڪري انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو  وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير داخلا انور سيال کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين کي فوري طور تي روڪرائين ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرائين.


7/17/2024 1:41:41 PM