ايم ڪيو ايم جي طرفان پارٽي ٽڪيٽ فراهم ڪرڻ تي نامزد حق پرست اميدوارن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو
لنڊن: 20 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم جي طرفان مڪاني اليڪشن ۾ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ تي حيدرآباد کان نامزد ڪيل اميدوارن ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي انهن جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون. نامزد حق پرست اميدوارن انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن فيڪس، اي ميل ۽ ٽيلفونن جي ذريعي پنهنجن پيغامن ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکندي غريب ۽ وچولي طبقي جي حقن جي حصول ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ فرسوده، جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ موروثي نظام جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ انشا ء الله تعالٰي مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوار تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندا. انهن حالتن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ حق پرستي جي جدوجهد ۾ جناب الطاف حسين سان هميشه گڏ رهڻ جي عزم کي به ورجايو ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته اهي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوام جي بي لوث خدمت ڪندا ۽ شهيدن جي رت کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان وڃڻ نه ڏيندا ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين تحريڪ سان جڙيل رهندا.