متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم اوورسيز آمريڪا جي 11 معطل ڪيل ڪارڪنن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جو اعلاميو
لنڊن: 17 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم اووسيز آمريڪا جي 11 معطل ڪيل ڪارڪنن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي. انهن ڪارڪنن جي بحالي جو فيصلو ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي سفارشن تي ڪيو ويو. بحال ڪيل ڪارڪنن ۾ تحريم شاهد( شڪاگو) آصف سليم( شڪاگو) حارث عثماني( شڪاگو) آصف خان( شڪاگو) طارق صديقي( شڪاگو) مطلوب زيدي( واشنگٽن) طارق حميد( واشنگٽن) شڪيل الدين( واشنگٽن) اورنگ زيب( واشنگٽن) ۽ ذيشان مرزٰي( هيوسٽن) شامل آهن. ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي بحال ڪيل 11 ڪارڪنن کي هڪ ڀيرو ٻيهر تاڪيد ڪئي آهي ته اهي آئنده ماضي جي غلطين کي نه ورجائين ۽ نظم و ضبط جي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪن.