Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو


ايم ڪيو ايم جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو
 Posted on: 10/16/2015
ايم ڪيو ايم جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ڪراچي: 16 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي طرفان محرم شريف ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ۽ عبدالقادر خانزاده معروف عالم دين علامه عباس ڪميلي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو محرم شريف جي حوالي سان پيغام به پهچايو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جو انچارج ۽ ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي علامه عباس ڪميلي رابطا ڪميٽي سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته فرقي واريت جي خاتمي ۽ سمورن مسلڪن جي وچ ۾ هم آهنگي جي قيام جي لاءِ جناب الطاف حسين جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو مثالي آهي ۽ ان جي سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي تقليد ڪرڻ گهرجي.انهن جناب الطاف حسين کي فرقي واريت جو خاتمي ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ چيو ته فرقي واريت جو خاتمو جناب الطاف حسين جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي.انهن سمورن مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ۽ عوام کي چيو ته اهي محرم شريف جي مهيني جو احترام ڪن ۽ پنهنجين مجلسن ۽ خطبن ۾ فرقي وارانه هم آهنگي جو درس ڏين.علامه عباس ڪميلي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي علامه عباس ڪميلي جي خيالن کي ساراهيندي چيو ته جناب الطاف حسين جي شروع کان ئي اها خواهش رهي آهي سمورن مسلڪن جا عالم سڳورا ۽ عوام متحد ٿي وڃن. 

6/26/2024 2:34:41 PM