ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبر محمد اشفاق جي ننڍي ڀاءُ محمد نديم جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار
لنڊن: 16 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد اشفاق جي ننڍي ڀاءُ محمد نديم جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. محمد نديم ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئا ۽ اهي ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ اسپتال ۾ زير علاج هئا. جناب الطاف حسين محمد نديم جي وفات تي انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي محمد نديم مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي ميمبرن به محمد اشفاق سان انهن جي ڀاءُ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين.