Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گهڻڻ ئي اخبارن ۽ چينلن جي طرفان ايم ڪيو ايم سان ڪئي ويندڙ متعصبانه، نفرت انگيز ۽ شائونسٽ پاليسي مذمت جوڳي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


گهڻڻ ئي اخبارن ۽ چينلن جي طرفان ايم ڪيو ايم سان ڪئي ويندڙ متعصبانه، نفرت انگيز ۽ شائونسٽ پاليسي مذمت جوڳي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 10/16/2015
گهڻڻ ئي اخبارن ۽ چينلن جي طرفان ايم ڪيو ايم سان ڪئي ويندڙ متعصبانه، نفرت انگيز ۽ شائونسٽ پاليسي مذمت جوڳي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 16 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اخبارن ۽ چينلن جي مالڪن ۽ ٻين اعلٰي حڪام کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته پيمرا ۽ لاهور هائي ڪورٽ منهنجن خطابن جي لائيو ڪوريج ، بيانن، تصويرن ۽ نالو نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي آهي. پر ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين جون رپورٽون نشر ۽ شايع ڪرڻ ، رابطا ڪميٽي، ايم اين ايز، ايم پي ايز جي پريس ڪانفرنسن، بيانن ۽ ايم ڪيو ايم جون سرگرميون شايع ڪرڻ تي پابندي نه لڳائي آهي. پر پرنٽ ۽ اليڪٽراڪ ميڊيا جا گهڻائي ادارا ايم ڪيو ايم جي انتهائي سينيئر رهنمائن جون پريس ڪانفرنسون نه ٿا ڏيکارين ان جي ڪري مان ايم ڪيو ايم سان ڪئي ويندڙ متعصبانه، نفرت انگيز ۽ شائونسٽ پاليسي جي مذمت ڪندي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي چوان ٿو ته اهي آئين ۽ قانون جي طرفان ڏنل اظهار رائي جي آزادي جي حق جي تحت پنهنجي ڳالھھ کي پاڪستان جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پهچائڻ جي لاءِپرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سهارو وٺن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو جيڪو ادارو شائونزم تي برقرار رهندي ايم ڪيو ايم جي بيان ڪيل موقف ۽ جواب کي شايع نه ٿوڪري ان جي خلاف سڄي پاڪستان جا عوام  آئين ۽ قانون جي مطابق پرامن احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا. ڪارڪن ان ڳالھھ جو خيال رکن ته مظاهرن ۾ امن  برقرار رهي ۽ جذباتيت فڪر و شعور تي غالب نه اچي سگهي.


6/26/2024 2:33:46 PM