Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام اي آر وائي نيوز جي متعصبانه ۽ شائونسٽ پاليسي جي خلاف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا


متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام اي آر وائي نيوز جي متعصبانه ۽ شائونسٽ پاليسي جي خلاف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا
 Posted on: 10/16/2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام اي آر وائي نيوز جي متعصبانه ۽ شائونسٽ پاليسي جي خلاف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا
سلمان اقبال حيدر جيڪو ڪجھھ ڪري رهيا آهن اهو زرد صحافت ئي نه بلڪه صحافتي دهشت گردي به آهي. سيد شاهد پاشا
عوام کي درخواست ڪرياب ٿو ته اهي اي آر وائي نيوز جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن. وسيم اختر
ڪراچي ۾ اي آر وائي نيوز چينل جي خلاف مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 16 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام اي آر وائي نيوز چينل جي متعصبانه ۽ شائونسٽ پاليسي جي خلاف ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي جو مرڪزي مظاهرو ڪراچي ۾ اي آر وائي نيوز چينل جي آفيس جي سامهون ڪيو ويو. مظاهري ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا خطاب ڪندي چيو ته سلمان اقبال جيڪو ڪجھھ ڪري رهيا آهن. اهو زرد صحافت ئي نه بلڪه صحافتي دهشت گردي به آهي. اسان اي آر وائي نيوز چينل جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون. پر ان تي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ مان اي آر وائي نيوز جي مالڪن جي حوالي سان ڳالھھ ڪريان ۽ تمام ٻين ميڊيا جي مالڪن کي به گذارش ڪندس ته اهي سچ ڏيکارين، ڪوڙ نه ڳالهائين . انهن چيو ته هتي اي آر وائي نيوز جا ڪيمرامين ۽ نيوز ٽيم به موجود آهي ۽ اهي ڏسي سگهن ٿا ته اسان جو مظاهرو ڪيترو پرامن آهي. انهن چيو ته کرو سچ چوڻ وارو هاڻي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي ۽ اهو ثبوت آهي ته الله تعالٰي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. انهن اي آر وائي نيوز کي مخاطب ڪندي چيو ته انهي ڪراچي کان توهان آغاز ڪيو ته عين ممڪن آهي ته انهي ڪراچي جي عوام جي طرفان اوهان جي تڏا ويڙھ ٿئي ۽ توهان کي خبر پئجي وڃي ته بائيڪاٽ ڇا ٿيندو آهي. انهن سمورن ڪيبل آپريٽرن کي چيو ته جيڪڏهن اوهان اي آر وائي چينل ڏيکاري رهيا آهيو ته اسان کي توهان جو ڪيبل نه گهرجي. انهن مظاهرين کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي هٿ مٿي کڻي ڪري ٻڌائين ته ڇا اهي رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪن ٿا. جنهن تي سمورن شرڪاء هٿ مٿي کڻي ڪري بائيڪاٽ بائيڪاٽ اي آر وائي نيوز جو مڪمل بائيڪاٽ جا نعرا به هنيا. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو ته چينل جي مالڪن جي ذهنن ۾ اهو آهي ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي سياسي ۽ مذهبي جماعتون اهڙيون آهن جيڪي انهن ميڊيا هائوسز جي مدد سان عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪن ٿيون. پر مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي ان وقت به اهو مقام حاصل هو.جيڪو اڄ آهي  جڏهن پاڪستان ۾ صرف هڪ چينل هو. انهن اي آر وائي کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان کي توهان جي نه بلڪه توهان کي اسان جي ضرورت آهي. انهن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي ڏسڻ چاهين ٿا ۽ اها ئي وجه آهي ته اڄ عوام اي آر وائي جي خلاف مظاهرو ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته ان عوام هميشه الطاف حسين ڀاءُ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ انهن سان گڏ باھ ۽ رت جا درياء عبور ڪيا آهن. ڪراچي جي هر اليڪشن ۾ انهن ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو آهي. ان موقعي تي سي اي سي انچارج وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته اها اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته ان قسم جا سيٺ ان شعبي ۾ اچي وڃن ٿا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جا اي آر وائي نيوز تي وڏا احسان آهن. حضرت علي عليه السلام جو قول مبارڪ آهي ته جنهن تي احسان ڪريو ته ان جي شر کان بچو. انهن چيو ته جڏهن اسان حڪومت ۾ هئاسين ته انهن جا سيٺ ڪهڙي طرح اسان جي چمچا گيري ڪندا وتندا هئا. انهن چيو ته اي آر وائي وارا ڄاڻين ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ ڇا آهي مان عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي اي آر وائي نيوز جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏين ۽ مخير حضرات ان کي اشتهارن ڏيڻ بند ڪري ڇڏين ۽ اي آر وائي ۾ ڪم ڪرڻ وارا جيڪي الطاف حسين ڀاءُ جا ساٿي آهن اهي استعيفٰي ڏيئي ڪري ان کي ٻڌائي ڇڏين ته اسان ڇو استعيفٰي ڏيئي رهيا آهيون. انهن چيو ته سلمان اقبال ڪهڙي يهودي لابي جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن  ۽ ان وٽ پيسو ڪٿان اچي ٿو ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي مظاهري کي  فيصل سبز واري به خطاب ڪيو . ان کان علاوه اندرون سنڌ،ڪي پي ڪي، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پريس ڪلبن ۽ اي آر وائي نيوز جي آفيسن جي ٻاهران مظاهرا ڪيا ويا. 

Karachi

More Pictures of Protest in Karachi 

Hyderabad

More Pictures of Protest in Hyderabad 

Sukkur


6/26/2024 2:33:47 PM