Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مون کي جناب الطاف حسين جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، منهنجو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به اختلاف نه آهي ۽ نه ئي مان ايم ڪيو ايم ڇڏي رهيو آهيان. رشيد گوڏيل.


مون کي جناب الطاف حسين جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، منهنجو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به اختلاف نه آهي ۽ نه ئي مان ايم ڪيو ايم ڇڏي رهيو آهيان. رشيد گوڏيل.
 Posted on: 10/16/2015
مون کي جناب الطاف حسين جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، منهنجو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به اختلاف نه آهي ۽ نه ئي مان ايم ڪيو ايم ڇڏي رهيو آهيان. رشيد گوڏيل.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي ڪري پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 16 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل چيو آهي ته مون تي قاتلانه حملي کان پوءِ نبيل سميت ڪجھھ سياسي جماعتن جي ضمير فروش ماڻهن جيڪي الزام لڳايا اهي بلڪل ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري سازشن جو حصو آهن.انهن واضع ڪيو ته مون کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي ۽ نه مان ايم ڪيو ايم ڇڏي رهيو آهيان. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر سيد امين الحق، اقبال مقدم ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر به موجود هئا.رشيد گوڏيل چيو ته مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ انهن جي قيادت تي مڪمل يقين رکان ٿو ۽ فائرنگ جي واقعي کان پوءِ مون سان منسوب ڪيل ڪوڙين خبرن جي مان نه صرف ترديد ڪريان ٿو بلڪه انهن جي پرزور لفظن ۾ مذمت به ڪريان ٿو. انهن چيو ته متحده قومي موومينٽ ئي ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرداراڻه نظام جو خاتمو ڪري سگهي ٿي ۽ ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي 

طبقي جو انقلاب برپا ڪري سگهي ٿي. انهن چيو ته مان 2002 ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو هوس، مون کي ايم ڪيو ايم جي فليٽ فارم تان ئي يوسي ناظم بڻايو ويو ۽ پوءِ مون کي قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻايو ويو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر ۽ پوءِ مون کي رابطا ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو. جنهن تي مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جهڙو ليڊر ملڪ ۾ ڪوئي ٻيو نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي بنياد پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي مفادن جي لاءِ نه بلڪه ملڪ و قوم ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڌي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۽ قوم جي لاءِ هر نازڪ موڙ تي وڌي چڙهي ڪري قربانيون ڏنيون آهن ۽ ملڪي مفاد ن کي عزيز رکيو آهي. انهن چيو ته مون تي قاتلاڻه حملي کان پوءِ نبيل گبول سميت ٻين سياسي جماعتن جي ضمير فروش ماڻهن اهي الزام لڳايا ته رشيد گوڏيل  ايم ڪيو ايم کان خوش نه هئا. انهي جي ڪري انهن کي نشانو بڻايو ويو. ايم ڪيو ايم ۾ اچڻ جو رستو ته آهي پر واپس وڃڻ جو رستو نه آهي. اهي الزام بلڪل ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري سازشن جو حصو آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم جي تصوير کي دنيا جي سامهون خراب ڪري سگهجي. انهن چيو ته مان ڪالھھ به جناب الطاف حسين سان گڏ هيس ۽ انهن جو وفادار هيس ۽ اڄ به آهيان ۽ آئنده به  رهندس.انهن چيو ته نبيل گبول پاڻ ايم ڪيو ايم ۾ رهيا ۽ هاڻي اهي ايم ڪيو ايم کان ٻاهر آهن ۽ اهي زنده به آهن ۽ انهن جي الزام جي حقيقت کي انهن جي زنده هجڻ جي عملي ثبوت سان جانچي سگهجي ٿو. انهن پنهنجي مٿان قاتلاڻه حملي کان پوءِ محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، رابطا ڪميٽي، ڪارڪنن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن جو شڪريو به ادا ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر امين الحق ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر چيو ته رشيد گوڏيل جو ان حالت ۾ هتي اچڻ جو مقصد حقيقتن کي منظر تي آڻڻ آهي ۽ رشيد گوڏيل ان حالت ۾ حق ۽ سچ بيان ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا وفادار ساٿي آهن. 
*****

7/17/2024 1:43:18 PM