تصعب وارو رويو رکڻ تي ايم ڪيو ايم جي طرفان ARY NEWS چينل جي بائيڪاٽ جو اعلان.
ڪراچي: 16 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ARY NEWS چينل جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خبرن، پريس ڪانفرنسن ، جلسن۽ سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف زهريليون، ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪائي ڪاغذي تنظيم نه آهي بلڪه اها ڪروڙين ماڻهن جي واحد نمائنده جماعت آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪروڙين ماڻهن جا ليڊر آهن. انهن جي سياسي سرگرمين جون خبرن نشر ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ان جي خلاف زهريلو ۽منفي پروفيگنڊو ڪرڻ انتهائي قابل مذمت آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم اي آر وائي نيوز چينل جي ان تعصب واري رويي کي ڏسندي ان جي مڪمل بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته اي آر وائي نيوز چينل عوام جي اڪثريت جي نمائنده جماعت جو بائيڪاٽ ڪري رهيو آهي ان جي ڪري عوام به ان جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن.
*****