Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر قمر منصور سان ٽيليفون تي رابطو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر قمر منصور سان ٽيليفون تي رابطو.
 Posted on: 10/16/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر قمر منصور سان ٽيليفون تي رابطو.
جناب الطاف حسين قمر منصور جي خيريت دريافت ڪئي ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.
قمر منصور ۽ انهن جي خاندان 1980 جي ڏهاڪي ۾ به سٺن ۽ خراب حالتن ۾ تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 16 آڪٽوبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر قمر منصور سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ انهن جي خيريت دريافت ڪئي. جناب الطاف حسين قمر منصور کي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي تنظيمي خدمتن کي به ساراهيو. جناب الطاف حسين قمر منصور سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي اوهان جي گهر کي قربانين جي لاءِ چونڊي ورتو آهي. مان 1992 کان وٺي ڪري ڏسي رهيو آهيان ته اوهان جي گهراڻي ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. منهنجو يقين آهي ته  الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان سڀ صحيح ٿيندو. اهو محرم شريف جو مهينو آهي، اڄ اوهان جو پورو خاندان جيڪي قربانيون ڏيئي رهيو آهي الله تعالٰي ان جي لڄ رکندو. انهن فرمايو ته قمر منصور ۽ انهن جي خاندان 1980 جي ڏهاڪي ۾ به سٺن ۽ 

خراب حالتن ۾ تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيو هو ۽ تحريڪ تي ايندڙ هر ڏکئي وقت ۾ حق پرستي جي راھ کان هٽڻ ۽ پنهنجي ضمير جو سودو ڪرڻ جي بجاءِ انهن جيل جون تڪليفون ته برداشت ڪيون پر حق پرستي جي راھ نه ڇڏي. انهن قمر منصور جي والده محترمه سان به ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ۽ گرفتاري جي واقعي کي وڏي همت ۽ بهادري سان برداشت ڪرڻ تي انهن کي سلام تحسين به پيش ڪيو.انهن قمر منصور جي والده محترمه کي چيو ته اوهان وڏي بهادر امڙ آهيو، اوهان جهڙيون امڙيون دنيا ۾ تمام گهٽ هونديون آهن.اوهان جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. مان به اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي گهر وارن جي لاءِ وڏيون دعائون ڪيون آهن ۽ الله تعالٰي انهن دعائن کي قبوليت جو درجو ڏنو آهي. قمر منصور جي والده محترمه جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته اوهان جي دعائن ، ڪوششن ۽ الله تعالٰي جي ڪرم سان سڀ سٺو ٿيندو ۽ اسان سڀني جون مرادون پوريون ٿينديون. ان موقعي تي  جناب الطاف حسين قمر منصور ۽ انهن جي والده محترمه جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعا به ڪئي ۽ قمر منصور ۽ انهن جي والده محترمه تي پنهنجي صحت تي توجهھ ڏيڻ ۽ بهتر علاج معالجي ڏانهن توجه ڏيڻ تي به زور ڏنو.

7/17/2024 1:33:40 PM