Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هڪ سازش جي تحت مسلمانن جي اندر خوفناف دهشت گرد گروپ قائم ڪيا پيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


هڪ سازش جي تحت مسلمانن جي اندر خوفناف دهشت گرد گروپ قائم ڪيا پيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/16/2015
هڪ سازش جي تحت مسلمانن جي اندر خوفناف دهشت گرد گروپ قائم ڪيا پيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
دهشت گرد گروپ اسلامي ملڪن ۾ قتل و غارتگري ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن کي ورهائي ڪري انهن کي تباھ ڪري رهيا آهن.
وچ اوڀر جي ملڪن کان پوءِ افغانستان ۽ هاڻي پاڪستان ۾ به داعش جون سرگرميون وڌي رهيون آهن.
اها ڳالهھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته پنجاب ۾ لشڪر جهنگوي ۽ ٻين مذهبي انتها پسندن جي لاءِ نه صرف نرمي اختيار ڪئي وئي بلڪه انهن کي تحفظ به ڏنو ويو.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام عالمن سڳورن جي اجتماع کي خطاب.
ڪراچي: 16 آڪٽوبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايوآهي ته اسلام ۽ مسلمانن  جي خلاف هڪ عالمي سازش ٿي رهي آهي. جنهن جي تحت مسلمانن جي اندر خوفناڪ دهشت گرد گروپ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي اسلامي ملڪن ۾ قتل و غارتگري ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن کي ورهائي ڪري انهن کي تباھ ڪري رهيا آهن. اها ڳالھھ انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ عالمن سڳورن جي اجتماع کي خطاب ڪندي فرمائي. اهو اجتماع فرقي وارانه هم آهنگي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شيعه، سني ۽ ٻين فقهن ۽ مسلڪن سان تعلق رکڻ وارن وڏن وڏن عالمن سڳورن، بزرگن، ذاڪرن، ديني ۽ مذهبي تنظيمن جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين اسلامي ملڪن خصوصن وچ اوڀر جي صورتحال تي روشني وجهندي فرمايو ته سمورن اسلامي ملڪن ۾ ڪٿي القائده ۽ طالبان ته ڪٿي داعش ۽ ڪٿي ٻين نالن سان پاڻ ۾ جهيڙا ٿي رهيا آهن. مسلمان ماريا پيا وڃن ۽ هر هنڌ تباهي ۽ بربادي ٿي رهي آهي. انهن فرمايو ته اهو سڀ هڪ عالمي سازش آهي. جنهن جي تحت مسلمانن جي اندر خوفناڪ دهشت گرد گروپ قائم ڪيا پيا وڃن. جيڪي اسلامي ملڪن ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري ڪر ي رهيا آهن ۽ مسلمانن کي ورهائي ڪري انهن کي تباھ ڪري رهيا آهن. ڪهڙو اهڙو ملڪ آهي جتي قتل و غارتگري جا واقعا نه ٿي رهيا هجن، عراق، مصر، لبيا ، شام ۽ ٻين هنڌن تي فساد ۽ جنگ ٿي رهي آهي. مراڪش جيڪو هڪ پرامن تفريحي ملڪ هو اتي به ڪجھ ڏينهن پهرين ڪجھھ هٿيار بندن درجنين غير ملڪي مغربي سياحن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو. انهن فرمايو ته جڏهن اهڙي طرح جون خبرون مغربي ملڪن ۾ وڃن ٿيون ته اتي مسلمانن جا نالا، پاسپورٽ ۽ چهرا ڏسي ڪري انهن کي مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سوويت يونين افغانستان کان نڪتو ته اهو ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويو هو پر روس ٻيهر پنهنجي طاقت کي منظم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. يوڪرين کان پوءِ وچ اوڀر جي علائقي ۾ به روس جا پير ٻيهر ڄمي رهيا آهن ۽ شام جي حوالي سان هڪ جنگ جي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. آمريڪا جي طرفان ان صورتحال تي احتجاج به ڪيو ويو پر اهو به ڪوئي قبضو ختم نه رائي سگهيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته وچ اوڀر جي ملڪن کان پوءِ افغانستان ۾ به داعش جون سرگرميون وڌي رهيون آهن ۽ اتي داعش ۽ طالبان ۾ لڙائي به ٿي. افغانستان کان پوءِ پاڪستان ۾ به داعش جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته اسان وٽ بدقسمتي سان عوام کي غفلت ۾ رکيو پيو وڃي. جنهن سان ملڪ و قوم کي نقصان پهچي ٿو. مان ڪيترائي سال اڳ ڪراچي ۾ طالبان جي خطري کان آگاھ ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته طالبان فاٽا کان پوءِ ڪراچي ۾ به پنهنجا ڳڙھ قائم ڪري رهيا آهن ته ان کان نه صرف انڪار ڪيو ويو بلڪه ايستائين به چيو ويو ته اهو سڀ  ڪوڙ آهي. الطاف حسين عوام ۾ خوف ڦيلائي رهيو آهي.پر جڏهن طالبان جي طرفان ڪراچي ۾ دهشت گردي جون وڏيون وڏيون ڪاورائيون ڪيون ويون ته پوءِ حڪومت جي وزيرن ۽ سرڪاري ادارن ڪراچي ۾ طالبان جي موجودگي ۽ ان جي پکڙيل نيٽ ورڪ جو اعتراف ڪيو. ڪجھھ وقت اڳ مان پاڪستان ۾ داعش جي آمد جو به انڪشاف ڪيو ته ان موقعي تي به موجود ه حڪومت جي ڪجھھ وزيرن ان کان صاف انڪار ڪيو پر ٻه ڏينهن اڳ آئي جي سنڌ سينيٽ جي ڪميٽي جي اڳيان ان ڳالھھ جو واضع لفظن ۾ اعتراف ڪيو ته سنڌ ۾ داعش جو نيٽ ورڪ موجود آهي ۽  صفورا سانحي ۾ ملوث دهشت گرد داعش جي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهو ته داعش جا رابطا لشڪر جهنگوي سان به آهن. گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ ٻئي پوليس آفيسر راجه عمر خطاب به ميڊيا تي ان حقيقت جو اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ ۾ داعش جو نيٽ ورڪ موجود آهي. انهن فرمايو ته آئي جي سنڌ ته ان باري ۾ اعتراف ڪري رهيا آهن پر آئي جي پنجاب کلي عام اهو چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪوئي به وجود نه آهي. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوناڪ آهي ته پنجاب ۾ لشڪر جهنگوي ۽ ٻين مذهبي انتها پسندن جي لاءِ نه صرف نرمي اختيار ڪئي وئي بلڪه تحفظ به ڏنو ويو. انهن کي صوبائي حڪومت جي طرفان باقائده پيسا به ڏنا ويندا رهيا آهن. اهڙن قدمن جو نتيجو اهو نڪتو  ته اڄ  مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي ان قدر وڌي وئي آهي جو ڪراچي ۾  طالبان کان پوءِ داعش به پاڻ وڌندڙ ٻوٺي وانگر پيدا ٿي رهي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي ته گرفتار ڪيو پيو وڃي پر مذهبي انتها پسند ٽولن ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي. مان ان صورتحال تي احتجاج ڪيو ته منهنجن خطابن ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد سياسي جماعت ۽ مان ملڪ جو واحد ليڊر آهيان جيڪو سالن کان عوا م ۾ ان ڳالھھ جي تبليغ ڪندو رهيو آهيان ته عوام“ لڪم دينڪم ولي الدين ”۽“ لا اڪراه في الدين” تي عمل ڪن. پاڻ ۾ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي فضا کي پروان چڙهائين. جزا ۽ سزا جو اختيار پنهنجن هٿن ۾ نه کڻڻ، اهو حق صرف ۽ صرف الله تعالٰي جو آهي ۽ اهو ئي قيامت جي ڏينهن ان ڳالھھ جو فيصلو ڪندو ته ڪير جنتي آهي ۽ ڪير جهنمي آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کان اڳ ڪراچي ۾ عوامي سطح تي شيعه سني فساد ٿيندا هئا.پر ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۽ منهنجي سالن جي تبليغ جي نتيجي ۾  هاڻي هتي ڪو به شيعه سني فساد نه ٿو ٿئي.عوام کي ويڙهائڻ جي لاءِ هتي فرقي وارانه بنيادن تي عالمن سڳورن ، ذاڪرن، ڊاڪٽرن، استادن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي وئي. پر ڇو ته عوام انهن سازشن کي چڱي نموني سمجهي چڪا آهن. ان جي ڪري هاڻي هتي ڪوئي به شيعه سني فساد نه ٿو ٿئي. انهن فرمايو ته پاڪستان وڏين قربانين کان پوءِ وجود ۾ آيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان ان جي بقا ۽ ان جي مضبوطي ۽ عوام جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪريون ته الله تعالٰي به اسان کان راضي ٿي ويندو. انهن عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي پنهنجي فقه ۽ مسلڪ جي ڳالھھ ضرور ڪن پر ڪنهن کي به ڪافر قرار نه ڏين ۽ پنهنجين تقريرن ۽ خطبن ۾ اهڙي ڪائي به ڳالھھ نه ڪن جنهن سان ڪنهن به فقه يا مسلڪ جي مڃڻ وارن جي دل آزاري ٿي. اسان سڀ الله تعالٰي جا مڃڻ وارا آهيون. ڀلي اسان ڪهڙي به طريقي سان عبادت ڪندا هجون. اسان جو مٿو صرف الله تعالٰي جي اڳيان ئي جهڪي ٿو. اسان جي عبادتن جو مقصد صرف الله تعالٰي جي رضا حاصل ڪرڻ آهي. ان کان وڏي ٻئي ڪائي به ذات نه آهي. اهو ئي اسان سڀني جو مالڪ آهي. انهن عالمن سڳورن کي اپيل ڪئي ته اهي علائقن ۾ امن ڪميٽيون قائم ڪن ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻڻدڙ صورتحال ۾ اهي ڪميٽيون امن وامان ۽ ڀائيچارو قائم رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خطاب کان پوءِ سمورن عالمن سڳورن ، بزرگن ۽ ذاڪرن جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ به ڪئي ۽ انهن جي خيالن سان اتفاق به ڪيو. عالمن سڳورن اجتماع جي انعقاد تي جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي کي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي سلسلي ۾ انهن جي ڪردار ۽ جدوجهد تي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. 
*****

6/26/2024 2:26:56 PM