ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان ميان نواز شريف جي وائيٽ هائوس آمد جي موقعي تي 22 آڪٽوبر تي هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جو اعلان
واشنگٽن ڊي سي: 15 آڪٽوبر 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان وزير اعظم ميان نواز شريف جي 22 آڪٽوبر تي وائيٽ هائوس آمد ۽ آمريڪي صدر سان ملاقات جي موقعي تي وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. مظاهري جو مقصد ڪراچي ۾ رينجر جي طرفان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالتن قتلن، ڇاپن ۽ گرفتارين، مهاجرن جي خلاف رياستي آپريشن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي جهڙن تعصب وارن قدمن تي سڄي دنيا خصوصن آمريڪي صدر جي توجه ڇڪرائڻ آهي. مظاهري جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ واشنگٽن ڊي سي چيپٽر جو هڪ اجلاس به منعقد ٿيو. جنهن ۾ چيپٽر انچارج اظهار خان ۽ جوائنٽ انچارج سيد حفيظ الحق سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مظاهري ۾ پاڪستاني برداري جي وڏي تعداد ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي عوامي رابطه مهم شروع ڪئي ويندي. ان کان علاوه آمريڪا جي سينٽرل ڪميٽي آمريڪا ۾ موجود مهاجر ڪميونٽي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏين ته مهاجر قوم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهي ۽ پنهنجن حقن جي حصول تائين جدوجهد جاري رکندي.