Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ نامزد حق پرست مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار


ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ نامزد حق پرست مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار
 Posted on: 10/15/2015
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ نامزد حق پرست مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار
ڪراچي:15 آڪٽوبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ نامزد حق پرست اميدوارن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن بلديه ٽائون يوسي 33 گلشن غازي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار برائي وائيس چيئرمين فيصل احسن جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ انهن جي نه ملڻ تي انهن جي پٽ صوبي خان کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته لانڍي مان ضلع ڪائونسل يوسي 29 جي لاءِ نامزد ڪائونسلر رفيق الحسن جي گهر تي پوليس ڇاپو هڻي ڪري انهن جي ڀاءُ محمد صديق کي جيڪي ايم ڪيو ايم ڪي ايم او سي جا ڪميٽي ميمبر به آهن، کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح نارٿ ناظم آباد سيڪٽر يونٽ 173 اي جي ڪارڪنن منير ۽ علي شان، سرجاني سيڪٽر يونٽ 1 جي ڪارڪن محمد دلاور خان، اورنگي سيڪٽر يونٽ 23 جي ڪارڪن دلشاد کي رينجر اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته يونٽ 83 جي ڪارڪن عبدالسلام کي به پوليس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيئن جيئن مڪاني اليڪشن ويجهو اچي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، ذميوارن ۽ حق پرست مڪاني اميدوارن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي ۽ ان جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽس وٺڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ، ذميوارن ۽ حق پرست مڪاني اميدوارن جي گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائين. 

7/17/2024 1:32:38 PM